هڪ عورت، 2ٻچيدانيون، هڪ ئي وقت چار ٻار پيٽ ۾!

لنڊن(ويب ڊيسڪ) اوهان جاڙا ٻار پيدا ڪرڻ بابت ته ٻڌو هوندو پر اهو شايد نه ٻڌو هجي ته هڪ عورت کي ٻه ٻچيدانيون هجن ۽ هر هڪ ٻچيداني ۾ هڪ ئي وقت جاڙا ٻار پلجندا هجن. جي ها اهڙي صورتحال برطانيا ۾ ان وقت سامهون آئي جڏهن اسيڪس ڪائونٽي جي رهائشي 28 سالن جي ڪيلي فيئرهرسٽ معمول جي چيڪ اپ لاءِ اسپتال آئي. ڊاڪٽرن چيڪ اپ بعد کيس ٻڌايو ته اوهان جي خاص عورتاڻي عضوي اند ٻه ٻچيدانيون آهن ۽ هر هڪ ٻچيداني ۾ ٻه ٻه جاڙا ٻار پلجي رهيا آهن. ڪيلي کي اڳ ۾ به ٻه ٻار آهن.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اهو ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي ۽ دنيا ۾ هر 5 ڪروڙ عورتن مان هڪ عورت کي ٻه ٻچيدانيون هونديون آهن.برطانوي اخبار دي گارجين اهڙي خبر دي سن اخبار جي حوالي سان شايع ڪئي آهي. ڪيلي کي هڪ 4 سالن ۽ هڪ 3 سالن جو ٻار آهي. ٽي سال اڳ جڏهن هوءِ ٻيو ٻار ڄڻڻ اسپتال آئي هئي ته کيس داڪٽرن ٻڌايو هو ته هن جي رحم ۾ ٻئي ٻچيداني به پيدا ٿي رهي آهي. ٽن سالن بعد ٻيهر حمل بعد اها ٻچيداني مڪمل ٿي وئي ۽ ان ۾ به 2 ٻار پيدا ٿي رهيا آهن.

سينٽ جارج اسپتال لنڊن جي ماهر ڊاڪٽر عاصمه خليل سندس معائني بعد اهڙي خبر ٻڌائي ۽ چيو ته اوهان جي ٻارن جي پيدائش سيزر آپريشن سان ئي ممڪن ٿيندي. ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته عورتن ۾ ٻن ٻچيدانين جڙڻ وارين تبديلين جو انهن عورتن کي احساس نه ٿيندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو