گهر ڊاهيندڙ ن خلاف احتجاج، انصاف جي گهر

ٺڪراٺو (حضرت گل)ڳوٺ ميان ڪنڍو جي رهواسڻ مسمات زرينه ملڪ  پنهنجي معصوم ٻچڙن سميت سندس  ئي برادري جي بااثرن يار محمد ملڪ ، الهورايو ملڪ عرف نادر ، مصري ملڪ ۽ ٻين پاران سندس گهر ڊاهڻ ۽ گهر خالي ڪرائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو . عورت ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان پنهنجا گهر 50 سالن کان اڏيون ويٺا آهيون پر ڪجھ ڏينهن کان اسان جي ئي برادري جا مٿيان   بااثر  ماڻهون منهنجي گهر ۾ زبردستي گهڙي اسان جي ٺهيل جهوپڙي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏي ۽ اسان تي تشدد پڻ ڪيو ويو جنهن جي دانهن مان  ٿاڻو   مبارڪپور تي کڻي ويس پر مونکي هن مهل تائين مبارڪپور پوليس پاران ڪو به انصاف نه ڏياريو آهي الٽو بااثر ڌر سان گڏجي ڪري روز ٻھ اهلڪار اسان جي گهرن تي  اچي حراسان ڪن ٿا ته پنهنجا گهر  ڊاهيو جيڪڏهن اوهان گهر نه ڊاهيا ته اوهان جي مردن کي کڻي گم ڪري ڇڏيندا سين ۽ اهي اوهان کي ڪڏهن به نه ملندا جيسيتائين اوهان هتان گهر ڊاهي ڪنهن ٻي جڳھ تي نه ويندا ، اسان مسڪين ماڻهون آهيون اسان پنهنجا ٻار ٻچا ڪيڏانهن در بدر ڪندا سون .احتجاج ڪندڙ عورت ۽ ٻين  پاران ڊي آء جي سکر ، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين وس وارن کان اپيل ڪئي ته اسان جي معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو