دنيا ۾ ڪورونا مريض هڪ ڪروڙ کان مٿي، 5 لک فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ هڪ ڪروڙ کان مٿي ۽ مرندڙن جو انگ پنج لک کا مٿي ٿي ويو آهي. سومر تي منجهند تائين جي ڊيٽا موجب هڪ ڪروڙ 2 لک 68 هزار ماڻهو ڪورونا جو شڪار ٿيا آهن. مري ويلن جو انگ پنج لک 4هزار 800 ٿي ويو آهي. جڏهن ته هن مرض مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 55 لک 68 هزار کان مٿي آهي. فوتگين جي حساب سان آمريڪا پهرين نمبر تي آهي جتي هڪ لک 28هزار 400 کان مٿي ماڻهو مري ويا آهن، ٻئي نمبر تي برازيل آهي جتي 57 هزار 800 کان مٿي، برطانيه ۾ 43 هزار 500 کان مٿي، اٽلي ۾ 34 هزار 700 کان مٿي ۽ اسپين ۾ 28هزار کان مٿي ماڻهو مري ويا آهن. پاڪستان ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 2 لک 6هزار 512 ٿي ويو آهي. مرندڙن جو انگ 4هزار 167 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو