ڊسپينسري ڪورس ۾ داخلا نه ملڻ خلاف احتجاج

نوشهروفيروز (منظور ملڪ) اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران سول اسپتال جي ايم ايس پاران ميرٽ جي لتاڙ ۽ پئسا وٺي ڊسپينسري ۾ داخلا نه ڏيڻ خلاف رابعا سينٽر کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙن غلام قادر مري، انور مري، پهلوان خان کوسو، فيصل وسطڙو ۽ ٻين الزام هنيو ته سول اسپتال جو ايم ايس ڊاڪٽر عبدالله تنيو ڊسپينسري داخلا ۾ ميرٽ جي لتاڙ ڪندي رشوت ڏيندڙ ۽ سفارشي  شاگردن کي داخلا ڏني آھي. هنن الزام لڳائيندي چيو ته ڊاڪٽر عبدالله تنيو اسان کان ڊسپينسري لاء پئسا ورتا ان باوجود به اسان کي داخلا نه ڏني وئي. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسپتال ۾ جنريٽر نه هجڻ مريض ۽ ڊاڪٽر قيامت جهڙي گرمي ۾ تڙپندا رهن ٿا اسپتال ۾ ايندڙ مريضن کي ڪنهن به قسم جو رليف نه پيو سرڪاري ايندڙ دوائون به پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ڪيون پيون وڃن ۽ اسپتال کي ريفر سينٽر بڻايو ويو آھي. هنن ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ميرٽ جي لتاڙ ڪندڙ ايم ايس عبدالله تنيو خلاف انڪوائري ڪرائي ڊسپينسري ۾ اصلي حقدارن کي داخلا ڏياري وڃي  ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو