ڪورونا تي سنڌ وفاق جهيڙو، عمران خان جو بيڪ آئوٽ!

ڪراچي (خصوصي تجزيو) سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ۾ ڪورونا وائرس جي روڪٿام بابت گڏيل حڪمت عملي واري سوال تي اختلاف تيز ٿي ويا آهن. سنڌي جي وڏي وزير جي پريس ڪانفرنس بعد وفاقي حڪومت جي نمائندن مراد سعيد، فردوس عاشق اعواڻ ۽ ٻين ڌار ڌار نيوز ڪانفرنس کي سنڌ حڪوت تي پنهنجي ناڪامي وفاقي حڪومت جي ڳچي ۾ وجهڻ جو الزام هنيو.

هنن چيو ته وڏو وزير صوبائي سطح تي انتظام ڪري ۽ وزيراعظم تي تنقيد ڪري جان نه ڇڏائي.ذريعن موجب اهڙي صورتحال بعد اسد عمر وچ ۾ پئي معاملي کي ٿڌو ڪيو آهي. آرمي چيف به اسد عمر جي راءِ جي حمايت ڪئي. جنهن بعد وزيراعظم جي صدارت ۾ نيشنل ڪو آرڊينيشن ڪائونسل جي اجلاس ۾ مراد علي شاهه جي درخواست تي فيصلا موخر ڪيا ويا ۽ وزيراعظم اڱاري تي ٻيهر اجلاس سڏائي ورتو جنهن ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن کي گهرايو آهي جنهن ۾ مشاورت سان فيصلا ٿيندا ته ڪهڙا سيڪٽر مرحليوار کوليا وڃن. مراد علي شاهه شاهه جي دانهن جو اثر ٿيو جو آرمي چيف به سندس ٻڌي ورتي ۽ ٻيهر اجلاس سڏايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو