زميني تڪرار تان ننڍي ڀاءُ هٿان ٻه وڏا سڳا ڀائر قتل

درياخان مري (ارباب مري)ڳوٺ صادق وڙائچ ۾ زميني تڪرار تان 2 سڳا ڀائر قتل ٿي ويا. جوابدار نعيم وڙائچ پنھنجن ٻن وڏن ڀائرن کي وڻن جي واڍي روڪڻ تان 50 سالن جي نظر محمد وڙائچ ۽ 40 ساله رزاق وڙائچ کي ڪلاشن ڪوف جون گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. ڊي ايس پي نوشھروفيروز عبدالحڪيم مزاري واقعي واري ھنڌ پھچي گولين جا کول ۽ گولين سان ڀريل ڪلاشنڪوف جو ٻه مئگزينون ھٿ ڪري ورتيون. جوابدار ڪجهه دير بعد پاڻمرادو پيش ٿي گرفتاري ڏئي ڇڏي. زمين تي تڪرار 3 ڌرين رضوان آرائين حاجي الله ڏتو ڀٽي ۽ مقتولن ۽ ان جي جوابدار نعيم وڙائچ جو تڪرار ھلندڙ ھيو . جوابدار نعيم وڙائچ تڪراري زمين تان وڻ وڍي رھيو ھيو ته سندس ڀائرن نظر محمد وڙائچ ۽ رزاق وڙائچ روڪيو ته جيستائين فيصلو ٿئي تيسين وڻن جي واڍي نه ڪر وڻن جي واڍي روڪڻ تان جوابدار ڪلاشنڪون کڻي پھريان گھر ۾ بيٺل ٽريڪٽر جي ٽائرن ۾ گوليون ھڻي ٽائر برسٽ ڪيا جنھن کان پوءِ ٻاھر نڪري زمين ۾ ڪم ڪندڙ پنھنجن سڳن ڀائرن کي گوليون ھڻي قتل ڪيو. رورل ھيلٿ سينٽر جي ايم ايس ڊاڪٽر اڪبر ڦل ڊاڪٽر الاھي بخش ڏاھري ڊاڪٽر شوڪت راڄپر چيو ته مقتولن جو ڀاءُ مظھر وڙائچ ۽ سندس برادري جي ماڻھن پاران پوسٽ مارٽم لاء آندل لاشن جو بنا پوسٽ مارٽم ڪرڻ جي رپورٽ ڏيڻ لاءِ منھن ماري ڪري زوري لاش اسپتال مان کڻائي ويا جنھن بعد درياخان مري پوليس باءِ پاس وٽان لاش واپس رورل ھيلٿ سينٽر آندا جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. مقتول نظر محمد وڙائچ کي 3 پٽ ۽ 3 نياڻين جو اولاد ھيو. جڏھن ته رزاق وڙائچ کي پنج پٽن ۽ 3 سالن جي ھڪ نياڻي جو اولاد ھيو.

پهنجو تبصرو موڪليو