جج موڪل تي، خورشيد جي ضمانت جي ٻڌڻي ملتوي

سکر(بيورو رپورٽ)سيد خورشيد شاهه جي ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي جج جي موڪل تي هئڻ سبب 9 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اسپيشل بينچ جو جج جسٽس شمس الدين عباسي موڪل تي هجڻ ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي. نيب پاران پي پي اڳواڻ تي آمدني کان وڌيڪ ملڪيت  رکڻ وارو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ هو گذريل ڪيترن مهينن کان قيد ۾ آهي. عدالتي حڪم تي کيس دل جي اسپتال اين آءِ سي وي ڊي ۾ داخل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو