ملڪ ۾ وائرس، فوتي45، دنيا ۾ ساڍا ٻارنهن لک مريض

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن 14 اپريل تائين لاڪ ڊائون کي ڪامياب ڪيوسين ته ڪافي حد تائين ڪورونا وائرس جي ڦهلاءَ کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. اهڙو اظهار هن جاري ڪيل ويڊيو پيغام ۾ ڪيو آهي. هن چيو ته ڳتيل آبادين ۽ ڪچي آبادين ۾ اڃا تائين خير آهي پر خدا نه ڪري جيڪڏهن انهن علائقن ۾ وبا ڦهلي ته صحت جو نظام جواب ڏئي ڇڏيندو. هوڏانهن پاڪستان ۾ آچر تي 254 ڪيس نوان ظاهر ٿيا آهن. جنهن بعد ملڪ ۾ 3121 ڪيس ٿي ويا آهن ۽ ٽي وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيڻ بعد مرندڙن جو انگ 45 ٿي ويو آهي. دنيا ۾ 12 لک کان وڌيڪ ماڻهو وائرس ۾ مبتلا آهن، 67 هزار کان مٿي فوت ٿي ويا آهن ۽ اڍائي لک کان مٿي صحتياب ٿي ويا آهن. دنيا ۾ وائرس سبب وفات ۾ اٽلي ٽاپ تي آهي جتي 15 هزار کان مٿي ماڻهو مري چڪا آهن، اسپين ۾ 12 هزار کان مٿي، آمريڪا ۾ 9هزار کان وڌي، فرانس ۾ ساڍا ست هزار کان مٿي، برطانيا ۾ 4 هزار 900 کان مٿي، ايران ۾ 3600 کان مٿي ۽ چين ۾ 3300 کان مٿي ماڻهو فوت ٿيا آهن. آمريڪا ۾ 16 لک 89 هزار کان مٿي ٽيسٽ ٿيا آهن سوا ٽي لک ماڻهووائرس ۾ مبتلا آهن، هڪ لک کان مٿي ماڻهو نيويارڪ ۾ وائرس جو شڪار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو