ايس ايڇ او جي بدتميزي خلاف صحافين جو احتجاج

ملير (ڊ ر) شاھ لطيف پوليس حملي ۾ زخمي صحافي جي قانوني مدد بدران جوابدارن جي ساٿاري بڻجي وئي آهي. روزاني سنڌ يار اخبار جي ضلعي ملير جو رپورٽرشهزادو مستوئي پاڻ تي ٿيل حملي جو ڪيس شاھ لطيف ٿاڻي تي داخل ڪرايو جنهن بعد پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ته ڪيو پر بظاهر لڳي ٿو ته ڏيتي ليتي سبب ڪيس خراب ڪري رهي آهي.

صحافي تي حملي جا جوابدار

ايس ايچ او غلام مجتبي’ باجوا صحافي کي تنگ ڪرڻ لاءِ بار بار ٿاڻي تي بيان ڏيڻ بهاني گهرائي دٻاءُ وجهي رهيو آهي. ڪالهه صحافي  ايس ايڇ او  جي آفيس پهتو ته ايس ايڇ او صحافي تي ڏمرجي پيو ۽ چيو ته تون اسان خلاف خبرون ٿو هلائين توکي هاڻ خبر پوندي ته پوليس ڇا ٿيندي آهي هن صحافي کي دڙڪو ڏيئي چيو ته ڏسين نٿو آفيس ۾ ڊ ي ايس پي صاحب ويٺو آهي هل ٻاهر هلي ويهه هن بدتميزي ڪندي صحافي کي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو پوليس جي اهڙي عمل خلاف صحافين ٿاڻي تي پهچي ويا. ان موقعي تي عوامي پريس ڪلب جي صدر غلام علي گوندر منظور سولنگي قادر درس لطيف ٻڳهيو جمشيد زهراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ايڇ او جي رويي خلاف احتجاج ڪندي صحافي کي ڌمڪيون ڏيڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي پريس ڪلب جي عهديدارن موقعي تي ئي آئي جي پوليس، اي ڊي آئي جي ڪراچي ايس ايس پي ملير کي خط روانو ڪيو جنهن ۾ چيو ته پوليس فريادين سان جوابدارن جهڙو سلوڪ پئي ڪري، هنن مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او کي فوري طور بدلي ڪري صحافي سان انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو