عالمي اڏامون جزوي طور بحال، ملڪ ۾ وائرس سبب 28 فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي حڪومت پي آءِ اي کي جزوي طور انٽرنيشنل فلائيٽس جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. پي آءِ اي جي ترجمان موجب پهرين مرحلي ۾ ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد مان ڪئناڊا ۽ برطانيا لاءِ اڏامون شروع ڪيون وينديون. پرڏيهه ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي واپس اسلام آباد اچڻو پوندو. جتي سڀني مسافرن جي اسڪريننگ ٿيندي، جنهن بعد مشڪوڪ مسافرن جي ٽيسٽ ٿيندي. سڀني کي هڪ هفتي لاءِ هوٽل ۾ رکيو ويندو ۽ جنهن ۾ نشانيون مليون ان کي قرنطينه مرڪز منتقل ڪيو ويندو ۽ جنهن ۾ نشاني نظر نه ايندي ان کي گهر روانو ڪيو ويندو. 3 اپريل تي ٽورنٽو ۽ 4 اپريل تي لنڊن لاءِ فلائيٽس روانيون ٿينديون. پي آءِ اي آن لائن بڪنگ به شروع ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته 21 مارچ تي رات 8 وڳي کان انٽرنيشنل فلائٽ سروس ڪورونا وائرس سبب بند ڪيون ويون هيون. بندش 4 اپريل تائين لاڳو هئي پر حڪومت مختلف ملڪن ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي سهولت خاطر هڪ ڏينهن اڳ ۾ ئي بندش ۾ نرمي ڪئي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب مرندڙن جو انگ 28 ٿي ويو آهي ۽ وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ 2118 ٿي ويو آهي. دنيا ۾ وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ 9 لک کان مٿي ٿي ويو آهي ۽ مرندڙن جو انگ 45 هزار کان ٽپي ويو آهي. هڪ لک 90 هزار کان مٿي ماڻهو وائرس مان صحتياب ٿي ويا آهن. اسپين، اٽلي، برطانيا، فرانس، آمريڪا، جرمني۽ ايران ۾ موت جي شرح ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو