1400 ٻارن جي حياتي کي خطرو، ايمرجنسي ۾ رت جي اپيل

نوابشاهه(اي ڪي ڏاھري) سنڌ ۾ لاڪ ڊائون ٿيڻ  سبب ٻين شهرن جيان نوابشاهه به مڪمل طرح بند آهي جنهن سبب ٿيلسيميا سينٽر ۾ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿيڻ واري آهي. جتي ھڪ ڏينهن کانپوءِ ٿيلسيميا جي مريضن کي لڳندڙ رت ختم ٿي ويندو ۽ تقريبن 1400 ٿيلسيميا جي مريضن جون حياتيون داءُ تي لڳي سگهن ٿيون.

هي هڪ خيراتي ادارو آهي ۽ گذريل 13 سالن کان نوابشاهه ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي. هن وقت تائين 1400مريض رجسٽرڊ ٿيل آهن انهن کي روزاني رت لڳايو وڃي ٿو ۽ هر روز 70 کان 80 مريض اچن ٿا جن کي رت لڳائڻ سان گڏوگڏ کاڌو کارائڻ ۽ دوائون ڏيڻ جو سلسلو به هتي هلي ٿو. هن سينٽر تي 300 کان وڌيڪ نوان مريض پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائڻ لاءِ تيار آهن پر بجيٽ، ڪمرن ۽ ملازمن جي کوٽ سبب نوان مريض رجسٽر ٿيڻ کان محروم آهن. ٿيليسيميا جي مريض بارڙن جي والدين چيو ته لاڪ ڊائون واري فيصلي کانپوءِ اسان سخت پريشان آهيون ۽ اسان کي هڪ ته سواريون نٿيون ملن ۽ ٻيو ته هتي رت ختم  ٿيڻ وارو آهي ۽ مشڪل سان اٺين ڏينهن کين وارو ملي ٿو. ٿيلسيميا سينٽر جي انچارج پروفيسر ڊاڪٽر صادق سيال جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جي ڪري لاڪ ڊائون جو فيصلو ٿيل آهي ۽ اسان رت وٺڻ لاءِ ڪيمپون تعليمي ادارن، ضلعي پوليس هيڊ ڪوارٽر آفيسن ۽ مختلف شهرن ۾ هڻندا آهيون جتي مخير ماڻهو رت جو عطيو ڏيندا آهن هينئر تعليمي ادارا بند آهن شهرن ۾ لاڪ ڊائون آهي ۽ رت ملڻ جو ذريعو ختم ٿي ويو آهي ۽ اسان هينئر بحران واري صورتحال ۾ اچي ويا آهيون.

ٿيليسيميا سينٽر نوابشاهه

هن چيو ته جيڪي به مخير ماڻهو آهن جيڪي رت جو عطيو ڏيڻ چاهين ٿا اهي پاڻ اچي رت ڏين يا وري 0305.3236537 تي رابطو ڪن ته اسان جي ايمبولينس ۽ اسٽاف وڃي اُتان رت وٺندو هن چيو ته اسان وٽ سنڌ جي 15 ضلعن جا 1400 مريض ايندا آهن ۽ اسان انهن کي مفت ۾ سروس ڏيندا آهيون. هن چيو ته هينئر اسان وٽ صرف ٻن ڏينهن جو رت موجود آهي ۽ ٻن ڏينهن کان پوءِ صورتحال خراب ٿي ويندي ۽ ٿيلسيميا جي مريضن جي حياتي بچائڻ لاءِ صرف واحد ذريعو رت آهي. هن ٻڌايو ته اسان وٽ نوابشاهه، دادو، نوشهرو فيروز، خيرپور، سانگهڙ، مٽياري، حيدرآباد، سکر، عُمر ڪوٽ، مٺي سميت 15 ضلعن جا مريض ٻارڙا رت لڳرائڻ ايندا آهن اسان بار بار حڪومت کي به لکيو آهي ته اسان کي ٿيلسيميا سينٽر لاءِ وڌيڪ جڳهه ڏني وڃي ته جيئن رجسٽرڊ ٿيڻ کان رهجي ويل ٻارڙن کي رجسٽرڊ ڪري سگهون پر ڪو ٻڌي ئي نٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو