پوليس وارا نوجوانن سان ڪرڪٽ کيڏڻ ۾ مصروف

سکر (جيرام داس ) لاڪ ڊائون واري اعلان باوجود سکر ۾ روڊ راندين جا ميدان بڻجي ويا، اڪثر علائقن ۾ ماڻهن جا هجوم به ڪچهرين ۾ رڌل نظر اچن ٿا، انتظاميا ۽ پوليس سرڪار جي حڪمن تي عمل ڪرائڻ بدران بند پيل بازارن ۽ روڊن تي رڳو خالي گشت ڪرڻ ۾ پوري آهي. شهر ۾ پوليس اهلڪار نوجوانن سان ڪرڪٽ کيڏي رهيا آهن.  ڪورونا وائرس جي ڦهلاءَ کان بچاءَ لاءِ سکر ۾ اسڪولن،ڪاليجن، يونيورسٽين، مدرسن ۽ مسجدن مان موڪل هئڻ سبب نوجوان گهرن ۾ رهڻ بدران روڊن تي سڄو ڏينهن ڪرڪيٽ سميت ٻيون رانديون کيڏندي نظر اچي رهيا آهن، جڏهن ته انتظاميه ۽ پوليس لاڪ ڊائون تي عمل ڪرائڻ بدران انهن سان راند کيڏي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو