سڱاوتي تڪرار تان لاشارين ۾ جهيڙو 6 ڄڻا قتل 3 زخمي

محرابپور(مجاھد علي سامٽيو) ڳوٺ ايوب لاشاري ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙوٿي پيو جنهن ۾ 6 ماڻهو قتل ٿي ويا. ٻن ڪارن ۾ سوار ھٿيار بندن محمد خان لاشاري جي گھر تي ننڊ ۾ ستلن مٿان حملو ڪيو جنهن ۾ 4 گهر ڀاتي 48 ورھين جو  محمد خان لاشاري 30 ورھين جو  ضمير لاشاري 25 ورهين جو زاھد بخش لاشاري ۽ 40 ورھين جو بچل لاشاري ٿڏي تي فوت ٿي ويا.  جڏهن ته  ٽي گھر ڀاتي محمد حليم، الله ورايو ۽ ساجد لاشاري سخت زخمي ٿي پيا. گھر ڀاتين جي جوابي فائرنگ ۾ 2 حملي آور پڻ قتل ٿي ويا واقعي جو اطلاع ملڻ بعد ھالاڻي، خانواھڻ، ڪنڊيارو ۽ محبت ديرو ٿاڻن جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي وئي جنهن زخمين کي پوليس موبائل ۾ ھالاڻي اسپتال پھچايو. جڏهن ته فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ھالاڻي اسپتال آندا ويا پوليس موجب لاشاري برادري جو پاڻ ۾ ڪيتري  ئي وقت کان سڱاوتي تڪرار ھلندڙ ھو جيڪي خيرپور ضلعي جي ڳوٺ ظفرآباد جا رھواسي آھن، انھن اڄ محمد خان جي گھر تي حملو ڪري چار ماڻھن کي قتل ڪيو  جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ خيرپور جا2 رھواسي پڻ قتل ٿي ويا آھن جن جي نالن جي اڃا تائين تصديق نه ٿي سگھي آھي ھوڏانھن  اھڙي واقعي بعد ڳوٺ ۾ خوف جي صورتحال ڇائنيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو