ڪورونا وائرس 195 ملڪن ۾ پهچي ويو، 16563 فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون واري صورتحال برقرار آهي ميڊيڪل اسٽورز ۽ کاڌي پيتي جي شين کانسواءِ هر قسم جو ڪاروبار بند آهي. سڄي ملڪ ۾ لاڪ ڊائن تي عملدرآمد لاءِ پوليس ۽ رينجرز سان گڏ فوج به مقرر ڪئي وئي آهي ماڻهن کي گهرن ۾ رهڻ ۽ اجتماعن کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. 24 مارچ تي 12 وڳي منجهند تائين جي ورلڊ اپ ڊيٽ ڊيٽا موجب پاڪستان م 17 نوان ڪورونا وائرس جا ڪيس سامهون اچڻ بعد متاثرن جو انگ 892 ٿي ويو آهي، هن مهل تائين 6 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، سڀني کان وڌيڪ ڪيس سنڌ ۾ آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ دنيا ۾ 51 ماڻهو فوت ٿيڻ بعد مري ويلن جو انگ 16563 ٿي ويو آهي. جڏهن ته هڪ لک هڪ هزار806 ماڻهو صحتمند ٿي چڪا آهن. دنيا ۾ وائرس جو شڪار مريضن جو انگ 382008 ٿي ويو آهي. آمريڪا ۾ 29 ۽ چين ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 7 مانهو مري ويا آهن. آمريڪا ۾ مرندڙن جو انگ 2411 ٿي ويو آهي ۽ وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو تعداد 46145 ٿي ويو آهي. چين ۾ مري ويلن جو انگ 3277 ٿي ويو آهي ۽ متاثرن جو تعداد 81171 ٿي ويو آهي. سڀ کان وڌيڪ موت اٽلي ۾ ٿيو آهي جتي مرندڙن جو انگ 6077 ٿي ويو آهي. دنيا جي 195 ملڪن ۾ ڪورونا وائرس ڦهلجي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو