اسٽاڪ مارڪيٽ ڪريش، لکين ماڻهن جا اربين روپيا ٻڏي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽاڪ اڪسچينج ۾ هفتي جي ٽئين ڏينهن به لڳاتار ٻاڙائي 100 انڊيڪس 1682 پوائنٽ گهٽجي وئي ۽ هڪ ڪلاڪ لاءِ ڪاروبار معطل ڪيو ويو. گزريل ٻن هفتن ۾ پنجون ڀيرو ڪاروبار معطل ڪيو ويو آهي. ڪورونا وائيس سبب پرڏيهي سيڙپڪار ڪروڙين دالر ڪڍي ويا آهن، مقامي ايڙپڪارن جا به اربين روپيا ٻڏي ويا آهن. ڊيلي ٽريڊ ڪندڙ گراهڪ پريشان آهن ۽ قرضي ٿي ويا آهن. بروڪريج هائوسز به پريشان آهن. 100 انڊيڪس ڪرڻ بعد 30934 پوائنٽ تي پهتي آهي، جيڪا ڪجهه وقت اڳ 40 هزار جي سطح تي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو