مانجهند (مهراڻ عمراڻي) ايران مان سنڌ ايندڙ زائرين تفتان بارڊر تي گذريل ستن ڏينهن کان سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا سنڌ سان تعلق رکندڙن ۾ مانجهند ۽ ٻين شھر واسي زائرين وقار سومرو زاهد جسڪاڻي رسول بخش سومرو ۽ ٻين تفتان بارڊر تي سخت احتجاج ڪندي دانهيندي وڊيو پيغام ۾ چيو ته بارڊر تي خاندان سميت سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آھيون ناشتي ۽ ٻئي کاڌي پيتي ۾ پاروٿو کاڌو ڏنو پيو وڃي ننڍي ٽينٽ ۾ رهايو پيو وڃي جنهن ۾ عورتن ٻارڙن کي سخت مشڪلاتون پيش اچن ٿيون باٿ رومن جو ڪوبه انتظام ناهي پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ آھي هنن چيو ته سندن ٽيسٽ ڪري جلد کين گهر روانو ڪيو وڃي.










