ڪورونا جي موڪلن سبب آڊيو ويڊيو ليڪچر جو فيصلو

نواب شاھ (اي ڪي ڏاهري) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي6 اپريل کان آن لائين ڪلاسز هلائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، وائيس چانسلر استادن کي آڊيو ۽ وڊيو ليڪچرتيار ڪري واٽس ايپ ۽ ٻين سهولتن ذريعي شاگردن کي موڪلڻ جون هدايت ڪري ڇڏي. اهڙو فيصلو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي سربراهن سان گڏجاڻي ۾ ڪيو. هن چيو ته حڪومت طرفان ڪرونا وائرس کان بچاءُ  جي ڪري يونيورسٽين سميت ملڪ  جا مڙئي تعليمي ادارا بند آهن ۽ انتهائي هنگامي حالتون آهن. تنهن ڪري شاگردن جي تعليم کي متاثر ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. انٽرنيٽ ٽيڪنالوجي جي سهولت کي استعمال ڪندي ٽيچنگ لرننگ مئنيجميٽ سسٽم تحت گوگل ڪلاس روم ۽ واٽس ايپ گروپن ذريعي يونيورسٽين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊين آف فيڪلٽيز، سڀني شعبن جي سربراهن ۽ استادن ذريعي سيمسٽر ۾ ٿيندڙ ڪلاسز جا آڊيو ويڊيو ليڪچر تيار ڪري آن لائين موڪليا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته استادن پاران يونيورسٽي جي تعليمي ۽ تحقيقي معيار جي بهتري جي سلسلي ۾ ورتل هن ڪوششن ۾ ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو. ان موقعي تي ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر طيبه ظريف، ڊين فيڪلٽي اف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي پرفيسر ڊاڪٽر لياقت علي زرداري، رجسٽرار نجم الين سوهو، مختلف شعبن جا چيئرمين ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو