6 سال اڳ ڀرتي ٿيلن کي رهيل پگهار جلد ملندي، لنجار

گهوٽڪي (عرفان علي سومرو) مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ وارداتن جي حوالي سان روزاني سنڌيار سان خصوصي ڳالهه ٻول ڪندي ايس ايس پي گهوٽڪي ڊاڪٽر فرخ علي لنجار چيو آهي ته گهوٽڪي ضلعي مان جيڪي 5 ڄڻن ڏهرڪي واسي ٻن ڄڻن،شيرو مهر واسي ٻن ڄڻن ۽ گهوٽڪي واسي هڪ عورت سميت 5 ڄڻن جي اغوا ٿيڻ جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن انهن مان هڪ ڄڻو به گهوٽڪي جي حد مان اغوا ناهي ٿيو جيڪي اغوا ٿيل آهي اهي پاڻ عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪشمور جي ڪچي طرف ويا آهن جتي ڌاڙيلن کين يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ ايس ايس پي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ نرس مائي پٺاڻي لانگاهه کي ڌاڙيلن ڪچي طرف ڊليوري لاءِ گهرايو هو ته ان کي به ڌاڙيلن يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي. اسين انهن جي بازيابي لاءِ ڪاروائي ڪري رهيا آهيون. اسان جون ٽيمون ڪشمور جي ڪچي ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 2014 ۾ جيڪي پوليس ۾ ڀرٿي ٿيا هئا انهن کي جيڪي پگهارون ناهي مليون ته ان بابت ڊپارٽمينٽ سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي انهن کي به مهيني اندر پگهارون ملي وينديون.جڏهن ته 150 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن جا پروموشن ٿيا آهن ته انهن کي به جلد آڊر ملي ويندا.سندس چوڻ هو ته ممتاز ڇڄڻ جي قتل ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويندو پر روڊ بلاڪ ڪرڻ قانوني جي ڀڃڪڙي آهي 5 ڪلاڪن تائين روڊ بند ڪيو ويو جنهن ۾ ڪيترائي ايمبولسن ۾ مريض موجود هئا قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ممتاز ڇڄڻ واري واقعي جو احتجاج ڪندڙ ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته شادين ۾ به جتي فائرنگ ٿيندي ته انهن شادي مالڪ ۽ گهوٽ مٿان به ڪيس داخل ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو