بل گيٽ جي مائيڪرو سوفٽ کا علحدگي جو اعلان

لنڊن (ويب ڊيسڪ) مائيڪرو سوفٽ جي باني بل گيٽس ڪمپني جي بورڊ جي ڊائريڪٽرشپ تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته سندس ڪمپني ٻين ڪمپنين سان ڪيل معاهدن مطابق تعاون جاري  رکندي پر هو چاهي ٿو ته پنهنجي ڪمپني کان وڌيڪ فلاحي ڪمن کي وڌيڪ وقت ڏيڻ لاءِ هن ڪمپني جي بورڊ کان علحدگي اختيار ڪئي آهي. 65 سالن جو بل گيٽ هن وقت تعليم، صحت، ماحوليات ۽ موسمي تبديلين بابت ڪم ڪري رهيو آهي. هو پنهنجي ڪمائي جو وڏو حصو دنيا ۾ فلاحي ڪمن تي خرچ ڪري ٿو. ياد رهي ته فوربز پاران کيس دنيا جو ٻيو نمبر امير ترين شخص قرار ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو