ڏکڻ پنجاب جو صوبو جولاءِ ۾ فنڪشنل ٿي ويندو، قريشي

ڏکڻ پنجاب جو صوبو جولاءِ ۾ فنڪشنل ٿي ويندو، قريشي

ملتان (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي اعلان ڪيو آهي ته ڏکڻ پنجاب صوبي جي سيڪريٽريٽ جولاءِ کان فنڪشنل ٿي ويندي. اهڙو اعلان هن ملتان ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نئون صوبو ٺاهڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي جنهن لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت گهرجي جيڪا حڪومت وٽ ناهي. هن چيو ته ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ اسانجي پارٽي جي منشور ۾ شامل هو ان ڪري في الحال انتظامي اپاءَ وٺي واعدو پورو ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته يوسف رضا گيلاني به ڏکڻ پنجاب جو صوبو ٺاهڻ جو واعدو ڪيو هو پر گهربل اڪثريت هنن وٽ به نه هئي. نواز شريف وٽ اڪثريت هئي پر هن جي ترجيح ۾ اهو معاملو شامل نه هو. هن چيو ته مان سڀني جماعتن کي چوان ٿو ته هن معاملي تي سياست نه ڪريو سڀ حڪومت جو ساٿ ڏيو ۽ ڀلي ڪريڊٽ توهان کڻو. هن چيو ته نئين صوبي جي گادي واري شهر بابت سوال تي هن چيو ته اهو فيصلو نئين چونڊيل صوبائي اسمبلي تي ڇڏيون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو