ملڪيت ۾ حصو نه ڏيندڙن جي چونڊ تي پابند ي هڻو، جماعت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سڄي دنيا ۾ عورتن کي معاشري ۾ برابر جا حق ڏيڻ لاءِ عورتن جي حقن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. پاڪستان ۾ هن سال ڀرپور تيارين سان ڏينهن ملهائڻ لاءِ جلسا جلوس منعقد ٿي رهيا آهن ۽ مخالف مذهبي قوتون به اڳ کان وڌيڪ سرگرم آهن. جماعت اسلامي جي عورتن جي شعبي پاران مختلف شهرن ۾ “تڪرم نسوان واڪ” منعقد ڪئي وئي. جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق ان موقعي تي خطاب ڪندي اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو ته جيڪو ماڻهو پنهنجي ڀيڻ کي جائيداد ۾ حصو نه ڏئي ان جي چونڊ وڙهڻ تي پابندي هنئين وڃي. هن اعلان ڪيو ته جماعت اسلامي ايندڙ اليڪشن ۾ ڪنهن به اهڙي مرد کي ٽڪيٽ نه ڏيندي جيڪو ڀيڻ کي ملڪيت ۾ حصو نه ڏيندو. اميدوارن کي ان بابت سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻو پوندو. هن چيو ته حڪومت شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ عورتن جي بهتري لاءِ اپاءَ وٺي، عورتن جي ٽرانسپورٽ لاءِ ڌار انتظام ڪيو وڃي. ه چيو ته اسلام عورت کي هر شعبي ۾ شريڪ ڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿو وراثت ۾ حصو به ڏنو آهي. هن چيو ته جيڪي عورتون اهو نعرو هڻن ٿيون ته منهنجو جسم منهنجي مرضي مان انهن کي غلط نٿو سمجهان. ياد رهي ته مولانا فضل الرحمان جي جماعت  طاقت جي زور تي عورت مارچ روڪڻ جو اعلان ڪيو هو.

ڪراچي، لاهور، ڪوئٽا ۽ مختلف شهرن ۾ عورت مارچ جا بينر ۽ پوسٽر ڦاڙيا ويا آهن پر انتظاميا ڪو قدم ناهي کنيو. لاهور ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عورت مارچ کي روڪڻ لاءِ درخواستون عدالتن اهو چئي خارج ڪري ڇڏيون ته اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي نٿي لڳائي سگهجي. عورتن جو مطالبو آهي ته صنفي فرق ختم ڪريو، عورت کي جائيداد ۾حصو ڏيو، آفيسن ۽ تعليمي ادارن ۾ جنسي حراسگي ختم ڪريو.***سکر مان امداد ڪلوڙ موجب عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جلوس ڪڍيو ويو. جنهن ۾ شريڪ عورتن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي عورتن جي حقن جو احترام ڪرڻ، سڱ چٽي جو سلسلو بند ڪرڻ، ملڪيت ۾ حصو ڏيڻ جا مطالبا لکيل هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو