ڏاهلي ۾ پٽ هٿان پيءُ قتل، مدئجي حادثي ۾ هڪ فوت 2 زخمي

ڏاهلي ۾ پٽ هٿان پيءُ قتل، مدئجي حادثي ۾ هڪ فوت 2 زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) مدئجي ۾ روڊ حادثي سبب هڪ فوت ٻه زخمي ٿي پيا ۽ ڏاهلي ۾ نافرمان پٽ والد کي ڇرا هڻي قتل ڪري ڇڏيو. مدئجي مان نويد دل موجب سکر لاڙڪاڻو روڊ تي تيز رفتار موٽرسائيڪل جو روڊ پار ڪندڙ 60 ورهين جي پيرسن الاهي بخش ککراڻي کي ٽڪر لڳڻ سبب پيرسن موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن موٽر سائيڪل سوار ٻه ڄڻا جميل ڀيو ۽ قربان ٿريجو سخت زخمي ٿي پيا. واقعي کان پوء فوتي جو لاش ۽ زخمي ڪيترو ئي وقت روڊ تي پيل رهيا، اطلاع تي پوليس پهچي زخمين ۽ فوتي پيرسن جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال پهچايو. زخمي ٿيل موٽر سائيڪل سوار لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ عمرڀيو جا رهواسي هئا جيڪي شڪارپور وڃي رهيا هئاته حادثي جو شڪار ٿيا. مدئجي پوليس موٽر سائيڪل تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي.*** مٺي مان لياقت نھڙيو موجب ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ بيڪنير ۾ جوابدار عبدالڪريم پنهنجي والد  ارباب علي راهمي کي گهرو اڻبڻت سبب پيٽ ۾ ڇرا هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو وچ رستي ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او کيمي جو پار جي چوڻ موجب قتل ۾ ملوث سندس پٽ جوابدار عبدالڪريم راهمي کي گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو