سانگهڙ )نادر بڙدي(چوٽياريون جي پورهيت ۽ ھاري سانوڻ ڪنڀر جي نالي سان جعلي اومني آڪائونٽ ٺاهي سندس اڪائونٽ مان لکين روپين جي ٽرانزيڪشن ڪئي وئي آھي، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب پورهيت جي گهر واري مسمات رضيه ڪنڀر حساس ڪفالت پروگرام تحت ملندڙ وظيفي جي رقم کڻڻ وئي ته ان کي ٻڌايو ويو ته توهان جي نالي اڪائونٽ ٺھيل آھي جنهن مان لکين روپين جي ڏيتي ليتي ڪئي پئي وڃي جنهن سبب توهان جا پيسا بند ٿي ويا آھن. جنهن بعد هوءَ چوٽياريون ٿاڻي تي پهچي وئي ۽ جعلي اڪائونٽ جي جاچ جي درخواست ڏني. جاچ بعد چوٽياريون پوليس پورهيت جي نالي سان جعلي اڪائونٽ هلائندڙ واپاري ساجن مل ميگهواڙ کي گرفتار ڪري ورتو، واپاري جي گرفتار ٿيڻ بعد چوٽياريون ٿاڻي تي بااثر سيٺ تلوڪ چند پهچي پورهيت سانوڻ ڪنڀر کي گهرائي پوليس جي موجودگي ۾ جرڳو ڪري جعلي اڪائونٽ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي واپاري مٿان ڏيڊ لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ۽ پوليس جا 70 هزار روپيا پڻ فيصلي ۾ رکيا ويا، جڏھن ته فيصلي بعد پورهيت سانوڻ ڪنڀر کي پاپند ڪيو ويو ته توهان پنهنجي گهر واري پاران ڏنل درخواست تان هٿ کڻڻ جا پاپند هوندا ان بعد پورهيت سفيد ڪاغذ تي پنهنجي گهر واري کان صحيح ڪرائي صحيح ٿيل ڪاغذ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ۽ بعد ۾ چوٽياريون پوليس گرفتار ٿيل واپاري ساجن مل ميگهواڙ کي آزاد ڪري ڇڏيو.










