ميروخان (صفدر علي تنيو ) زرعي زمين جي کاتيدارن پاران اي سي سجاول جوڻيجو امير علي ميراڻي خلاف احتجاج ڪيو ويو . ديهه سجاول جي کاتيدار عبدالغفار مستوئي پنهنجي چاچي حسين بخش مستوئي سان گڏ پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسسٽ مختيار ڪار عبدالحق مگسي تپيدار عبدالرحيم بروهي ۽ ڪوٽوار عبدالرحيم ابڙو ملي ڀڳت ڪري اسان جي 73 ايڪڙ زرعي زمين جي کاتن ۾ ڦيرڦار ڪندي اسسٽنٽ مختيار ڪار جي پيءُ درمحمد مگسي جي ڪوڙي داخلا رکي هئي .جنهن بعد اسين اهڙي ناانصافي خلاف ڊي سي قمبر جاويد جاگيراڻي کي درخواست ڪئي، جنهن انڪوائري ڪري ڪوڙي داخلا رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽنهي جوابدارن کي معطل ڪيو هو . هڪ هفتو گذرڻ باوجود اي سي سجاول جوڻيجو ڊي سي آرڊر مطابق روينيو عملدارن خلاف ڪابه ڪاروائي ڪرڻ بدران کين ڪم ڪرڻ جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي . هنن سيڪريٽري روينيو ، ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته اسان جي زمين جي کاتن ۾ ڦير ڦار ڪري ڪوڙي داخلا رکندڙ ن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.










