ڪراچي (ويب ديسڪ) شوبز جي خوبصورت جوڙي سائره ۽ شهروز ۾ طلاق جي تصديق ٿي وئي آهي. هلندڙ سال ٻنهي ۾ علهدگي جون خبرون سوشل ميڊيا تي هلنديون رهيون پر طلاق نه ٿي هئي. سوشل ميڊيا جي خبرن موجب ماڊل ۽ اداڪارا صدف ڪنول سان شهروز جي وڌندڙ قربت سبب سائرا کائنس ناراض ٿي علحدگي اختيار ڪئي هئي. شهروز سبزواري صدف ڪنول سان تعلقات کان انڪار ڪندي چيو هو سائرا سان طلاق ناهي ٿي پر هاڻي طلاق جي تصديق ٿي وئي آهي.










