ٽرين جو ڪوچ کي ٽڪر 20 فوت 30 کان مٿي زخمي

سکر (جيرام داس )پاڪستان ايڪسپريس ڪوچ سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب 20 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن.  روهڙي ڀرسان ريلوي ڦاٽڪ وٽ ٽرين جي ٽڪر ۾  30 کان وڌيڪ ماڻھن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع پن مليا آهن. روهڙي ڀرسان ريلوي ڦاٽڪ نه هجڻ ڪري حادثو پيش آيو پاڪستان ايڪسپريس ڪراچي کان پنڊي وڃي رهي هئي ته اهو حادثو پيش آيو ايڌي ايمبولنس ريسڪيو عملو حادثي واري جاء تي پهچي ويو. لاشن ۽ زخمين کي مختلف اسپتالن م منتقل ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه متاٿرين سان ڏک ۽ همدردي جو اظاهر ڪندي سکر جي ڪمشنر سکر شفيق احمد مهيسر کان رپورٽ طلب ڪندي کيس ريسڪيو آپريشن جي پاڻ نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي. روهڙي ۽ سکر جي اسپتالن م ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو