بينظير انڪم سپورٽ جي قسط، ايجنٽن جون من مستيون

ڪراچي (نمائندن وٽان) بينطير انڪم سپورٽ جي قسط جاري ٿيڻ سان ئي سڄي سنڌ ۾ مستحق ۽ غريب عورتن کي لٽڻ لاءِ مافيا سرگرم ٿي وئي آهي. بايوميٽرڪ وارا هجن يا اي ٽي ايم تان پئسا ڪڍائڻ جو معاملو هر قدم تي بي رحم ايجنٽ سرگرم آهن. 500 کان هزار تائين ڪميشن ورتي پئي وڃي. سنڌ جي اڪثر شهرن مان نمائندن اهريون رپورٽون موڪليون آهن جن مان ڪجهه هتي پيش ڪجن ٿيون. *** مورو مان مورائي اياز سولنگي موجب عورتن کي ملندڙ وظيفي لاءِ بايوميٽرڪ عملو ڪرپشن ڪري رهيو آھي، عورتن کان پيسا ورتا ٿا وڃن جيڪي غريب بي پھچ عورتون رشوت نه ٿيون ڏين انھن جي بايوميٽرڪ نه ٿي ڪئي وڃي ، هنن پنهنجا ڇاڙتا مقرر ڪري ڇڏيا آهن. پيسا نه ڏيندڙ عورتن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيھاري انھن جي تذليل ڪئي پئي وڃي، اهڙي عمل خلاف متاثر عورتن ٻڌايو ته بايوميٽرڪ عملي ان کي ڌنڌو بڻائي ڇڏيو آھي

هنن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اعلي مجاز اختيارن وفاقي حڪومت, سنڌ حڪومت توڙي ضلع انتظاميا کان مطالبو ڪيو آھي ته ڪرپٽ بايوميٽرڪ  عملي کي هٽائي ڪاروائي ڪئي وڃي.***هالاڻي مان طارق جان سهتو موجب  بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي 9 هزار جي قسط هلڻ تي ايجنٽ دڪاندارن پاران في عورت کان 500 کان هڪ هزار روپيا ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي جڏهن ته مختلف ڳوٺن کان ايندڙ غريب مسڪين عورتن کي خرچ جا بهانا ڪري لٽيو ڦريو پيو وڃي جڏهن ته ايجنٽن پاران غيرقانوني ڪٽوتي ڪرڻ تي ڊپٽي ڊائريڪٽر نوشهروفيروز بلاول پيرزادو کي شڪايتون ڪرڻ باجود به غيرقانوني ڪٽوتي رڪجي نه سگهي آهي. شهري اتحاد هالاڻي جي صدر قربان گاڏهي ، ۽ ٻين ڊي سي نوشهروفيروز ۽  وس وارن اعلي حُڪام کان مطالبو ڪيو ته بينظير انڪم سپورٽ جي آيل قسط مان ڪٽوتي ڪندڙ ايجنٽن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري بيواه عورتن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. ***گهوٽڪي مان عرفان علي سومرو موجب قسط اچڻ بعد دوڪاردارن جو من مستيون وڌي ويون.في ڪارڊ تي 500 کان هڪ هزار روپين جي غيرقانوني ڪٽوتي ٿيڻ لڳي مستحقين عورتن جو مائي راڻي،مائي نوري ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو . ان موقعي تي مستحقين عورتن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت قسط جي رقم پنج هزار مان وڌائي 9 هزار ڪئي آھي پر دڪاندار ناجائز ڪٽوتي ڪري مسڪين عورتن سان ظلم ڪري رهيا آھن ۽ اڪثر عورتن کان وري انڱوٺو هڻائي انهن جا پئسا پاڻ ڪڍي کين چون ٿا ته اوهان جي قسط ناهي آئي مسڪين عورتن سان وڏو ناحق ٿي رهيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو