ٽنڊو الله يار واسي 2 مزدور فوت دمبالو لڳ 3 ڄاڃي زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي ٻن شهرن پنو عاقل ۽ نئون دمبالو وٽ پيش آيل ٻن ڌار ڌار روڊ حادثن سبب 2 ڄڻا فوت ۽ 3 ڄاڃي زخمي ٿي پيا. پنوعاقل مان سنتوش ڪمار موجب چونگھا لڳ موٽر وي انٽر چينج وٽ سکر کان پنجاب ويندڙ ٽماٽن سان ڀريل مزدا ٽرالر سان ڪراسنگ ڪندي ٽڪرائجي وئي جنھن جي نتيجي ۾ مزدا ۾ سوار ٻه ڄڻا ٽنڊوالهيار جا رهواسي منير بروھي ۽ خالد بروھي فوت ٿي ويا جن جا لاش قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.***ميرپورخاص مان سيد بشيرشاھ موجب پنگريو شھر جا رهواسي سوزوڪي تي سوار ڪولهي برادري جا ڄاڃي نئون دمبالو ڀرسان ستون واٽر اسٽاپ تان ڄڃ ۾ واپس ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته ٻڍوقمبراڻي ڀرسان موڙ ڪٽيندي سوزوڪي ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ريوو ولد ڏيوجي ڪولهي،ڏيمان زال تينون ۽ جيرام ولد ماوجي ڪولهي زخمي ٿي پيا زخمين کي تعلقي اسپتال ڊگهڙي آندو جتي ڊاڪٽرن کيس طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد ريوو ڪولهي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کيس حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو