جروار (محمد بخش گبول) ننڍي عمر جي نينگري جي زبردستي نڪاح ڪرائڻ جي اطلاع ملڻ تي پوليس ڇاپ هنيو ته گهوٽ ۽ سندس مائٽ ڪاڄ ڇڏي فرار ٿي ويا ,پوليس نينگري کي هٿ ڪري ورتو پوليس نينگري ۽سندس ماءُ مائي بچل خاتون چاچڙ کي ٿاڻي تي کڻي آئي. 13سالن جي نيگري فائزہ چاچڙ جو زبردستي فھد چاچڙ سان نڪاح ڪرايو پئي ويو. نينگري جي ماءُ بچل خاتون جي فرياد تي گهوٽ فهد چاچڙ مولوي عبدالصمد چاچڙ ۽ ٻن شاهدن آفتاب چاچڙ ۽ سعيد چاچڙ سميت ست ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو . ڪيس ۾ فريادي مائي بچل خاتون ڄاڻايو ته منهنجي ڌي جو ننڍي عمر ۾ زبردستي نڪاح ڪرايو پئي ويو . منهنجن پٽن ۽ٻين گهر ڀاتين کي يرغمال بڻاڻي رات جي وقت نڪاح ڪيو ويو. هوڏانهن ڪيس داخل ٿيڻ بعد جروار پوليس نينگري فائزہ چاچڙ کي فرسٽ سول جج ميرپورماٿيلو جي عدالت ۾ پيش ڪيو . اي ايس آءِ شير خان بوزدار موجب ته نينگري ڪورٽ ۾ پنھنجي ماءُ بچل چاچڙ سان گڏ وڃڻ جو بيان ڏنو , تنھن ڪري اسان سندس ماء کان ضمانتي اسٽامپ تي لکائي نينگري سندس حوالي ڪري ڇڏي آهي.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو