سڪرنڊ لڳ 3 روڊ حادثا 2 نوجوان فوت 29 ڄڻا زخمي

نواب شاھ (اي ڪي ڏاھري)سڪرنڊ ڀرسان ٽن روڊ حادثن ۾ 2 ڄڻا فوت 29 ڄڻا زخمي ٿي پيا. سڪرنڊ روڊ تي قائد عوام يونيورسٽي جي فيملي ڪالوني ڀرسان ڪار جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن ۾ 2 نوجوان 22 ورهين جو بابر ميمڻ، 20 ورھن جو ارسلان آرائين فوت ٿي ويا ۽ 2 ڄڻا28 ورھين جو مورو واسي فرحان علي ميمڻ ۽21 ورھين جو عبادت علي سولنگي زخمي ٿي پيا. زخمين کي پي ايم يو اسپتال نوابشاهه آندو ويو جتي فرحان علي ميمڻ کي آءِ سي يو وارڊ ۾ رکيو ويو آهي هوڏانهن سڪرنڊ ڀرسان نيشنل هاءِ وي پنجون ميل اسٽاپ تي پوليس موبائل ۽ مسافر وين ۾ ٽڪر، نتيجي ۾ 23 ڄڻا سخت زخمي جن ۾ 19 مسافر ۽ 4 پوليس اهلڪار ،عورتون ۽ ٻار شامل آهن، ڪجهه زخمين جي نازڪ حالت هئڻ ڪري نوابشاهه اسپتال منتقل. پنهل خان چانڊيو جي پوليس ٿاڻي جي موبائل تيز رفتار هئڻ ڪري هاءِ وي تي چڙهڻ دوران ڪنڊيارو کان حيدرآباد  ويندڙ مسافر وين سان ٽڪرائجي وئي.

نتيجي ۾ قاضي احمد جو رهواسي عزيز الله  ، ڪنڊياري جا رهواسي فدا حسين رند ،نظيران ، فهد سولنگي ، مهمير رند ، شازيه رند ، زربانو رند ، عقبه چنڙ ، انيلا چنڙ ، الاهي بخش رند ، گردو رند، امتياز رند ، قاسم آباد حيدرآباد جا رهواسي عارفه ، سلميٰ ۽ محمد جعفر ، نوشهرو فيروز جا رهواسي وحيده راڄپر ، سڪرنڊ جو رهواسي الاهي بخش رند. جڏهن ته گشتي پوليس موبائل ۾ ڪانسٽيبل عطا محمد ڀنگوار ، گل حسن زرداري ، غلام سرور، شرف الدين زرداري شامل آهن. ڪجهه زخمين جي حالت نازڪ هئڻ ڪري حيدرآباد ۽ نوابشاهه جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

جڏهن ته ڪجهه زخمين جي سڪرنڊ تعلقه اسپتال ۾ ٽريٽمينٽ ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف اسلام آباد کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ سڪرنڊ باءِ پاس چوٿون ميل اسٽاپ لڳ ٽائر برسٽ ٿيڻ ڪري ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري مري برادري جي ڪکاون گهرن ۾داخل ٿي وئي بس ۾ سوار ڪراچي واسڻ مسمات سلما زال نعيم ميمڻ ۽ سندس پنجن سالن جو ٻارڙو غلام مصطفيٰ ، فاطمه زال رياض شاهه ، هري پور پنجاب جو رهواسي محمد رفيق ولد شير بهادر گجر معمولي زخمي ٿيا آهن. جڏهن ته ڪکاون گهرن ۾ موجود ماڻهن کي ڪو به نقصان نه پهتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو