هوسٽن(پ ر) آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ منعقد ڪيل 2026 جي ڪراٽي جي مقابلن ۾ سنڌيار مهر اسٽيٽ چيمپئن شپ کٽي ورتي.
ٽيڪساس ڪراٽا آرگنائيزيشن (ٽي ڪي او) پاران منعقد ڪيل مقابلن ۾ سڄي رياست ٽيڪساس ۾ بهترين فن جو مظاهرو ڪندي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي.
15 سالن جي سنڌ يار مهر جي هن شاندار ڪاميابي کي سندس محنت، لگن، جاکوڙ ۽ عزم جو نتيجو قرار ڏنو . سندس ڪاميابي تي والدين، مٽن مائٽن، دوستن ۽ مهر برادري پاران خوشيءَ جو اظهار ڪندي کيس دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪئي پئي وڃي.
مهر برادري جي معزز شخصيتن ۽ خيرخواهن پاران اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته سنڌ يار مهر مستقبل ۾ به اهڙيون شاندار ڪاميابيون حاصل ڪري پنهنجي والدين، خاندان، برادري ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪندو رهندو.










