ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي بلوچ ڪالوني ڀرسان ايڊمن سوسائٽي ۾ ڪِريل 6 ماڙ عمارت جي ملبي مان وڌيڪ هڪ لاش ڪڍيو ويو آهي. ريسڪيو عملدارن موجب ملبي مان هن وقت تائين 9 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته حادثي ۾ 14 ڄڻا زخمي ۽ 9 اڃا گم آهن. عملدارن ٻڌايو ته ملبي ۾ وڌيڪ دٻيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن دوران انتهائي احتياط ڪيو پيو وڃي، ڳري مشينري استعمال ڪرڻ بدران هٿن سان ڳولا تي وڌيڪ ڌيان ڏنو پيو وڃي. عملدارن جو چوڻ آهي ته ڳري مشينري جي استعمال سان ملبي هيٺ موجود لاشن کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته مشينري هلائڻ سان عمارت جو ڍانچو وڌيڪ ڪِرڻ جو پڻ امڪان آهي، تنهن هوندي ڪجهه اهڙيون جايون ٺاهيون ويون آهن، جتان اندر داخل ٿي ڳولا ڪئي پئي وڃي.










