تهران(ويب ڊيسڪ) ايران آبنائي هرمز ٻيهر کولڻ جو امڪان رد ڪندي آمريڪي بحري ناڪابندي وڌيڪ برداشت نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايران جي سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنه اي جي صلاحڪار محمد مخبر موجب آبنائي هرمز نه کوليو ويندو ۽ نه ئي آمريڪي ناڪابندي جاري رهڻ ڏني ويندي. سندس اهو بيان آمريڪي بحري فوج پاران تازو ايران مان روانو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ هڪ بحري جهاز کي روڪڻ کانپوءِ سامهون آيو آهي. رپورٽ موجب بهار کان جاري آبنائي هرمز واري تڪرار معمول جي سامونڊي اچ وڃ ۽ تيل جي فراهمي کي وڏي حد تائين متاثر ڪري ڇڏيو آهي. ايراني فوج جي سربراهه پڻ هلندڙ هفتي آبنائي هرمز مان گذرندڙ سامونڊي آمدرفت تي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ پابنديون لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جيستائين ڳالهين ۾ ايران جا مطالبا تسليم نه ڪيا وڃن. ايران جو مطالبو آهي ته سامونڊي رستو ٻيهر کولڻ تي غور ڪرڻ کان اڳ آمريڪا ناڪابندي ختم ڪري ۽ تيل تي لاڳو پابندين ۾ نرمي ڪري.










