25 لک ميٽرڪ ٽن ٻاهران گهرائڻ جي منظوري

25 لک ميٽرڪ ٽن ٻاهران گهرائڻ جي منظوري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ملڪ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ رڪارڊ اضافي کي نظر ۾ رکندي هلندڙ مالي سال 2026-27 لاءِ 25 لک ميٽرڪ ٽن تائين ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. انهي کان اڳ حڪومت ڪڻڪ جي درآمد جي حد صرف 10 لک ميٽرڪ ٽن مقرر ڪئي هئي، پر سرڪاري ذخيرن ۾ موجود ڪڻڪ جو هڪ حصو انساني استعمال لاءِ هاڃيڪار هجڻ جو انڪشاف ٿيڻ کان پوءِ درآمدي حد وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ناڻي واري وزارت موجب ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطه ڪميٽي(اي سي سي) جي ورچوئل اجلاس ۾ قومي غذائتي تحفظ ۽ تحقيق طرفان پيش ڪيل سمري تي غور کان پوءِ ڪڻڪ جي درآمدي حد وڌائڻ جي اصولي منظوري ڏني وئي. فيصلي جي حتمي توثيق وفاقي ڪابينه کان ورتي ويندي.ملڪ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ سبب اٽي جي قيمتن ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ تازي اضافي ۽ سرڪاري ذخيرن کان ڪڻڪ جي جاري ڪرڻ کي نظر ۾ رکندي صوبن پنهنجي ضورتن جو نئين سري سان جائزو وٺندي گڏيل درآمدي طلب تقريبن 17 لک ميٽرڪ ٽن تائين وڌائي ڇڏي آهي جنهن ۾ پنجاب جي لاءِ 9 لک 50 هزار، سنڌ جي لاءِ ساڍا 4 لک ميٽرڪ ٽن ۽ خيبرپختونخواهه لاءِ 3 لک ميٽرڪ ٽن شامل آهن. جڏهن ته بلوچستان جون ضرورتون پاسڪو جي دستياب ذخيرن کان پوري ڪئي ويندي.پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس موجب جمعي تي اٽي جي قيمت 164 روپيه في ڪلو تائين پهچي وئي، جيڪا گذريل قيمت جي مقابلي ۾ 57 روپيه يا 54 سيڪڙو وڌيڪ آهي. حڪومت طرفان ڪڻڪ جي درآمد جو وقت تي فيصلو نه ڪرڻ سبب صارفين کي مهانگي اگهن تي وٺڻو پئجي رهيو آهي.. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته حڪومت ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار 2 ڪروڙ 97 لک ميٽرڪ ٽن ۽ سرڪاري ذخيرا 20 لک ٽن هجڻ جي دعويٰ هئي، پر هاڻ انهن ذخيرن ۾ موجود ڪڻڪ جي دستيابي ۽ معيار تي سوال سامهون اچي ويا آهن.اختيارين موجب ڪجهه سرڪاري ذخيرن ۾ موجود ڪڻڪ نه صرف گهربل مقدار ۾ دستياب نه آهي پر انهي جو ڪجهه حصو انساني استعمال جي قابل به نه رهيو آهي. حڪومت اڳ ئي 5 لک 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي عمل ۾ آهي، جڏهن ته ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ قائم ڪڻڪ قيمتن جي نگراني ڪميٽي 13 لک ميٽرڪ ٽن درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏئي چڪي هئي، هاڻ درآمدي حد وڌائي 25 لک ميٽرڪ ٽن ڪرڻ سان وڌيڪ 19 لک 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي درآمد لاءِ ٽينڊر جاري ڪرڻو پئجي سگهي ٿو.اي سي سي موجب هلندڙ ڏينهن ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ اضافو ۽ سرڪاري ذخيرن کان ڪڻڪ جي جاري ڪرڻ جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي صوبن پنهنجي ضرورتن تي نظر ثاني ڪئي آهي. جنهن کان پوءِ گڏيل درآمدي طلب تقريبن 17 لک ميٽرڪ ٽن تائين پهتي آهي. نظرثاني ٿيل ضرورتن موجب پنجاب 9 لک 50 هزار ميٽرڪ ٽن، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه 4 لک 50 هزار ميٽرڪ ٽن درآمدي ڪڻڪ جي طلب ظاهر ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو