اسلام آباد)بيورو رپورٽ) ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه کي سيل ڪري ڇڏيو آهي.پوليس ذريعن موجب، مولانا فضل الرحمان جو پٽ اسجد محمود، جيڪو گهر ۾ موجود هو، ان کي گرفتار ڪيو ويو آهي.سي ڊي اي چار صفحن تي مشتمل هڪ حڪم نامو جاري ڪيو آهي. هدايتن موجب، گهر جي مالڪ امان الله کي ڏنل رهائشي پلاٽ جي الاٽمينٽ منسوخ ڪئي وئي آهي.حڪم نامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سرڪاري ادارن رپورٽ ڏني آهي ته امان الله هڪ غير ملڪي شهري آهي، ۽ سندس پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ (شناختي ڪارڊ) پڻ منسوخ ڪيو ويو آهي.سي ڊي اي موجب، 26 نومبر تي امان الله کي طلب ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو هو؛ پر سندس پيش نه ٿيڻ سبب، گهر جي الاٽمينٽ منسوخ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.سي ڊي اي جو چوڻ آهي ته هائوس نمبر 7، اسٽريٽ نمبر 83، سيڪٽر G-6/4 جي ملڪيت جي منتقلي کي فوري طور تي رد ڪيو ويو آهي. ان معاملي جي جاچ 22 نومبر 2024 تي اسپيشل برانچ جي رپورٽ ملڻ کان پوءِ شروع ڪئي وئي هئي.سي ڊي اي وڌيڪ ٻڌايو ته امان الله جو سڃاڻپ ڪارڊ سندس والدين جي سڃاڻپ ڪارڊن جي بنياد تي جاري ڪيو ويو هو. خانداني رڪارڊ ۾ تضادن (فرق) جي ڪري نادرا (NADRA) اهو ڪارڊ منسوخ ڪري ڇڏيو. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ 25 نومبر تي سي ڊي اي کي ان صورتحال کان آگاهه ڪيو هو. 25 نومبر تي، سي ڊي اي امان الله کي هڪ ”شو ڪاز“ (وضاحت طلب ڪرڻ وارو) نوٽيس جاري ڪيو، جنهن ۾ کيس هدايت ڪئي وئي ته هو 26 نومبر تي سي ڊي اي جي ميمبر (اسٽيٽ) آڏو پيش ٿي وضاحت ڏئي. امان الله مقرر تاريخ تي ميمبر (اسٽيٽ) آڏو پيش نه ٿيو. سي ڊي اي دستياب سرڪاري رڪارڊ ۽ نادرا جي تصديقي رپورٽ جي روشني ۾ اهو فيصلو ڪيو. ان سان گڏ، پاڪستان ۾ غير ملڪي شهرين پاران ملڪيت حاصل ڪرڻ تي قانوني پابندي جو حوالو پڻ ڏنو ويو؛ ڪو به غير ملڪي شهري اڳواٽ لکت واري اجازت کان سواءِ پاڪستان ۾ زمين يا ملڪيت حاصل نٿو ڪري سگهي. سي ڊي اي امان الله جي نالي تي ٿيل ملڪيت جي منتقلي کي فوري طور تي منسوخ ڪري ڇڏيو آهي.جي يو آءِ ترجمان جي بيان موجب مولانا فضل الرحمان جي پٽ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ميڊيا سيل جي يو آءِ پاڪستان طرفان جاري ڪيل بيان موجب جمعيت علماءِ اسلام جي ترجمان چيو آهي ته حڪومتي ڏاڍائين جو سلسلو جاري آهي، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي پٽ مولانا اسجد محمود کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.ترجمان اسلم غوري موجب انتظاميه گهر ڀاتين کي گهر کان ٻاهر ڪڍي انهي کي سيل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ گهر ڀاتي اتان کان روانه ٿي ويا آهن. هن چيو ته ظلم، جبر ۾ ميان شهباز شريف جي حڪومت سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. هن بيان ۾ چيو ته جمعيت قائد ڪارڪنن کي هدايت ڪئي آهي ته اهر اشتعال ۾ نه اچن، اسان صبر سان جبر جو مقابلو ڪنداسين، ڪارڪن پارٽي قيادت جي هدايتن جو انتظار ڪن.ترجمان چيو ته ظلم جي به حد هوندي آهي، ايترو ظلم ڪريو جيترو سڀاڻي برداشت به ڪري سگهون. اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان جي گهر کي سيل ڪرڻ تي رد عمل ڏيندي ترجمان چيو ته جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه جو گهيراءُ ۽ عورتن، ٻارن کي حراسمينٽ جو نشانو بنائڻ هڪومتي بوکهلاهٽ جو ثبوت آهي. هن حڪومتي قدمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.جي يو آءِ ترجمان اسلم غوري موجب مولانا فضل الرحمان لاهور ۾ نظر بند آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ انهي جي رهائشگاهه جو پوليس طرفان گهيراءُ ۽ گهر ۾ موجود عورتن، ٻارن کي حراسمينٽ ڪرڻ جا اطلاع انتهائي ڳڻتي جوڳا آهن. هن چيو ته ظلم جي انتها اها آهي ته مولانا فضل الرحمان جي گهر ڀاتين کي مجبور ڪيو پيو وڃي ته اهي اڌ ڪلاڪ ۾ گهر خالي ڪري ڇڏين.ھوڏانھن جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي پٽ اسجد محمود کي آزاد ڪيو ويو، جنهن بعد هو واپس پنهنجي رهائشگاهه پهچي ويو.ذريعن موجب جي يو آءِ جي سينيئر اڳواڻ پاران ٿاڻي سيڪريٽريٽ ۾ پوليس عملدارن سان ڳالهيون ڪرڻ کانپوءِ اسجد محمود جي آزادي ممڪن ٿي.آزادي بعد اسجد محمود چيو ته مان واپس اچي ويو آهيان، ڪارڪن پرامن آهن.ياد رھي تھ اسلام آباد پوليس جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي پٽ اسجد محمود جي گرفتاري جي ترديد ڪئي ھئي










