ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ڪيترائي ڀيرا نون صوبن جي قرارداد رد ڪري چڪي آهي، اسان سنڌ جي ورهاست قبول نه ڪنداسين. ڪراچي جي صورتحال تي ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي جي تباهي ۾ ايم ڪيو ايم باني ۽ ايم ڪيو ايم پاڻ ملوث آهي. جيڪڏهن انهن ڪراچي کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هجي ها ته اهي چور دراوزي کان نه اچن ها.سنڌ اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته نون صوبن بابت اسيمبلي کي ئي فيصلو ڪرڻو آهي، سنڌ اسيمبلي پنهنجو حتمو فيصلو ڏئي چڪي آهي. پنجاب ۾ به ساڳئي ڳالهه ڪري رهيا آحيون جيڪا سنڌ ۾ ڪري رهيا آهيون. جيڪڏهن پنجاب جي اسيمبلي چوي ٿي ته انهن کي صوبا قبول نه آهن ته اسان به قبول نه ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي به ڪيترائي ڀيرا چئي چڪي آهي ته سنڌ جي ورهاست قبول نه آهي، مرڻ تائين به ساڳيو بيان هوندو.هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري لاجڪ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي بحث ڪرڻي آهي ته پارليامينٽ ۾ ڪري، روڊ ۽ ٽاڪ شوز تي نه. فيصلو ته پارليامينٽ کي ڪرڻو آهي، قانون روڊن ۽ ٽاڪ شوز ۾ نٿا بڻجن.سينئر وزير چيو ته سموري پاڪستان کان ماڻهو علاج لاءِ سنڌ ۾ ايندا آهن، دنيا جي تاريخ ۾ ڪوبه سڀني کان وڏو رهائشي منصوبو آهي ته اهو سنڌ حڪومت ٺاهي رهي آهي. هن چيو ته ڪراچي جي تباهي ايم ڪيو ايم ۽ باني ايم ڪيو ايم ڪئي. جيڪڏهن انهن شهر جي خدمت ڪئي هجي ها ته اهي چور دراوزي کان نه اچن ها.










