افغانستان،اسڪول ڀرسان ڌماڪو، 7 شاگرد فوت، 97 زخمي

افغانستان،اسڪول ڀرسان ڌماڪو، 7 شاگرد فوت، 97 زخمي

ڪابل: (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي اوڀرين صوبي ڪنڙ ۾ اسڪول جي ڀرسان ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ 7 شاگرد مارجي ويا جڏهن ته 97 زخمي ٿي پيا آهن.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڌماڪو صوبي ڪنڙ ۾ هڪ اسڪول جي ڀرسان ٿيو، افغان اختيارين ٻڌايو ته شروعاتي جاچ ۾ خبر پئي آهي ته ڌماڪو اسڪول جي ڀرسان ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپني جي هڪ ڊپو ۾ ذخيرو ڪيل بارودي مواد ۾ ٿيو.واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ جاچ ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون. جڏهن ته ڌماڪي جا سبب ۽ ٻين رخن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ جاچ جو سلسلو جاري آهي.عرب ميڊيا الجزيره سان ڳالهيون ڪندي ڪنڙ جي اسپتال جي سربراهه مولا داد ٻڌايو ته فوتين ۽ زخمين جي حوالي سان جاري ڪيل انگن اکر شروعاتي آهن. مولاداد موجب وڌيڪ ڄاڻ سامهون اچڻ کان پوءِ متاثرين جي تعداد ۾ تبديلي ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو