پاڪستان شاهينز جي بنگلاديش اي کي شڪست

پاڪستان شاهينز جي بنگلاديش اي کي شڪست

دوحا(ويب ڊيسڪ) پاڪستان شاهينز رائزنگ اسٽارز ايشيا ڪپ جي سيمي فائنل ۾ بنگلاديش اي کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. پاڪستان شاهينز 233 رنسن جو هدف 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، حسن نواز 62 ۽ شاهزيب خان 50 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. فرحان يوسف 46 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، ڪپتان عبدالصمد 44، جڏهن ته شامل حسين 14 رنسون ٺاهيون. ان کان اڳ بنگلاديش اي پهرين بيٽنگ ڪندي 8 وڪيٽن جي نقصان تي 232 رنسون ٺاهيون. ايونٽ جو فائنل آچر تي پاڪستان شاهينز ۽ سريلنڪا اي وچ ۾ کيڏيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو