پاڪستان ۾ پوليو جا 3 نوان ڪيس ظاهر، انگ 21 ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ پوليو جا 3 نوان ڪيس سامهون آيا آهن جنهن بعد هلندڙ سال سامهون ايندڙ پوليو ڪيسن جو انگ 21 ٿي ويو آهي. پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه مان هڪ هڪ ڪيس نئون رپورٽ ٿيو آهي. پوليو جي خاتمي وارين اختيارين موجب بلوچستان ۾ هڪ غريب مزدور جي 7 مهينن جي پٽ ۾ پوليو ظاهر ٿيو آهي. سندس والد پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو مخالف هو ۽ پنهنجي ٻار کي ڦڙا نه پياريا هئا. جڏهن ته خيبرپختونخواه ۾ 32 مهينن جي ٻارڙي ۾ پوليو ظاهر ٿيو آهي. پنجاب جي ضلعي ڊيرا غازي خان ۾ 8 مهينن جي ٻار ۾ پوليو ظاهر ٿيو آهي. ياد رهي ته پوليو هڪ موتمار وائرس آهي ۽ 5 سالن جي عمر تائين جي ٻارن کي نشانو بنائي ٿو . سندن دماغ تي حملو ڪري معذور بڻائي ٿو ۽ اڪثر موت به واقع ٿئي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو