حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ لاٿ ڪري ڇڏي

حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ لاٿ ڪري ڇڏي

اسلام آباد: ( بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽروليم شين جي نون اگهن جو اعلان ڪري ڇڏيو. پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. قيمتن ۾ لاٿ کانپوءِ پيٽرول جو اگهه 313 رپيا في ليٽر، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو اگهه 346 رپيا في ليٽر ٿي ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب نون اگهن تي عمل اڄ رات 12 وڳي کان 27 نومبر تائين ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو