مولانا جي سڏ تي ملڪگير احتجاج، شاهراهون ۽ موٽروي بند

مولانا جي سڏ تي ملڪگير احتجاج، شاهراهون ۽ موٽروي بند

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سرگودها ۾ اڄ رٿيل ڪانفرنس جي راهه ۾ رڪاوٽن، ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ قيادت کي نظربند ڪرڻ خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج ۽ سموريون شاهراهون توڙي موٽروي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته سرگودها ۾ وڏي عوامي ڪانفرنس جو اعلان برقرار آهي ۽ مختلف طرفن کان قافلا سرگودها پهچي رهيا آهن، پر لاهور ۾ سندس رهائشگاهه جي مک دروازن آڏو ڪنٽينر بيهاري اچ وڃ محدود ڪئي وئي آهي. هن اعلان ڪيو ته هو سرگودها روانو ٿي رهيو آهي، پر اطلاعن موجب موٽروي ۽ سرگودها ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن. مولانا فضل الرحمان دعويٰ ڪئي ته چشمہ، ميانوالي، خوشاب ۽ فيصل آباد سميت سرگودها ويندڙ رستا بند آهن ۽ ڪرفيو جهڙي صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪانفرنس جي پنڊال تي پڻ پوليس قبضو ڪري ورتو آهي. جي يو آءِ سربراهه وڌيڪ چيو ته راولپنڊي کان ڊيرا غازي خان تائين مختلف ضلعن، سرگودها ۽ خوشاب ۾ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. هن دعويٰ ڪئي ته جمعيت طلباءِ اسلام جي سربراهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ مرڪزي ناظم عمومي مولانا عبدالغفور حيدري ۽ جي يو آءِ پنجاب جي صوبائي امير مولانا امجد خان کي پڻ نظربند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سرگودها جي امير جي وڪيل پٽ کي گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو. مولانا فضل الرحمان سمورن صوبن جي عوام ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته اهي گهرن مان نڪري روڊن تي اچن ۽ ڪوھستان توڙي چترال کان وٺي بدين، تربت، مڪران ۽ چمن تائين سڄي ملڪ جون شاهراهون بند ڪري، جمهوري حقن کان محروم رکڻ ۽ مبينا آمراڻن هٿڪنڊن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائين.جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي ڪارڪنن ڄامشورو، مٽياري، نوشهروفيروز ۽ شڪارپور وٽ نيشنل هاءِ وي بند ڪري ڇڏيو.جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ سينيٽر عطاءُ الرحمان لاهور-اسلام آباد موٽروي احتجاج طور بند ڪري ڇڏيو. سينيٽر عطاءُ الرحمان ڀيراهه انٽرچينج وٽ موٽروي بند ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب موٽروي جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽروي پوليس تصديق ڪئي آهي ته ڪوٽ مومن، سالم ۽ ڀيراهه انٽرچينجز وٽ جاري احتجاج سبب انهن انٽرچينجز تان اچ وڃ ايندڙ حڪم تائين معطل ڪئي وئي آهي. موٽروي پوليس مسافرن ۽ شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته سفر جي رٿابندي ڪندي صورتحال کي نظر ۾ رکن ۽ متبادل رستا اختيار ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو