ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته نون انتظامي يونٽن جي قيام لاءِ ريفرنڊم ڪرائڻ پئسن جو زيان ۽ لاحاصل عمل هوندو، ان سان ڪنهن به مسئلي جو حل نڪرندي نظر نٿو اچي،ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته ڪجهه ماڻهو اچي چون ٿا ته اسان کي نوان صوبا ٺاهڻا آهن، جڏهن اوهان عوامي ميدان ۾ اچو ٿا ته اوهان کي تنقيد به برداشت ڪرڻي پوندي آهي، اسان به تنقيد ڪندا آهيون.هن چيو ته ريفرنڊم بابت ساڻس ڪنهن به ڳالهه ٻولهه نه ڪئي آهي، ٻيو سوال اهو آهي ته ريفرنڊم ڪهڙي ڳالهه تي ڪرايو ويندو؟ منهنجي خيال ۾ اهو پئسن جو زيان هوندو، جنهن جو ڪو به مقصد ناهي، ڇاڪاڻ ته ان کانپوءِ به آئيني طريقيڪار اختيار ڪرڻو پوندو. ريفرنڊم لاحاصل هوندو ۽ اهو ڪنهن مسئلي جو حل نظر نٿو اچي. مراد علي شاهه چيو ته آئين ۾ جيڪي ڳالهيون واضح طور موجود آهن، انهن تي عمل ٿيڻ گهرجي. صوبائي حدن ۾ تبديلي صوبائي اسيمبلي جي منظوري کانسواءِ ممڪن ناهي، اسان پهرين ڏينهن ئي پنهنجو موقف واضح ڪري ڇڏيو هو. وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي لڳي ٿو ته سنڌ حڪومت اسٽيبلشمينٽ جي دٻاءَ ۾ اچي نئون مڪاني حڪومتن جو قانون ٺاهي رهي آهي ته اها ڳالهه غلط آهي. تنقيد هر ڪو ڪري سگهي ٿو، پر اهو قانون ٺاهڻ اسان جي منشور ۾ اڳ ئي شامل هو. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ هن وقت 123 عمارتون عدالتي حڪم امتناع تحت تعمير ٿي رهيون آهن، حڪومت انهن سمورين عمارتن تي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو آهي. عدالت کي درخواست ڪئي آهي ته 15 ڏينهن اندر انهن عمارتن بابت فيصلو ڪيو وڃي. جيڪڏهن توهين عدالت جو ڪيس داخل ٿيو ته ان کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. مراد علي شاهه چيو ته بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ بهتري لاءِ ٻيهر جوڙجڪ ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) جي 17 ملازمن جي نشاندهي ڪري انهن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي.










