ايل پي جي شعبي کي هٿي ڏيڻ جو پاڪستان جو فيصلو

ايل پي جي شعبي کي هٿي ڏيڻ جو پاڪستان جو فيصلو

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) پاڪستان ايل پي جي شعبي کي ترقي وٺرائڻ ۽ توانائيءَ جي شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ نئين پاليسي تحت چين سان اهم سيڙپڪاري منصوبو ونڊ ڪيو آهي. ذريعن موجب پاڪستان چين کي ڪراچيءَ ۾ ايل پي جي پلانٽ ۽ جديد اسٽوريج سهولتون قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، جڏهن ته نئين ايل پي جي پاليسي پڻ چيني اختيارين سان ونڊ ڪئي وئي آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته چيني ڌر پنهنجي سيڙپڪارن سان مشاورت ۽ رابطن کان پوءِ پاڪستان کي ان منصوبي ۾ امڪاني سيڙپڪاري بابت آگاهه ڪندي. پاڪستان ۾ ايل پي جي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت وڌائڻ اسٽريٽجڪ اهميت اختيار ڪري ويو آهي ذريعن موجب ملڪ لاءِ ايل پي جي جي فراهميءَ ۾ رڳو هڪ ملڪ تي ڀاڙڻ مناسب ناهي، تنهنڪري متبادل ذريعا ۽ اثرائتو اسٽوريج نظام جوڙڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي ويو آهي پاڪستان پاران چين کي پيٽروليم شين جي شعبي ۾ پڻ سيڙپڪاريءَ جي دعوت ڏني وئي آهي، جنهن جو مقصد توانائيءَ جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ، سيڙپڪاريءَ جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۽ سپلاءِ چين کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو