ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ سڌو هوائي رابطو مئي 2027ع ۾ شروع ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان مالديپ جي سياحت ۽ شهري هوابازي واري وزير محمد سعيد سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سياحت، سيڙپڪاري ۽ هوائي توڙي سامونڊي رابطن کي هٿي ڏيڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها ملاقات ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ جاري فوڊ ايگ پاڪستان 2026ع جي موقعي تي ٿي. ان دوران ٻنهي وزيرن چوٿين گلوبل ڪوزين شو جو پڻ دورو ڪيو، جتي دنيا جي مختلف ملڪن جي روايتي کاڌن ۽ ذائقن جي نمائش جاري آهي. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ سڌيون اڏامون شروع ڪرڻ جي تجويز جي آجيان ڪندي چيو ته هوائي ۽ سامونڊي رابطن ۾ بهتريءَ سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ سياحت کي هٿي ملندي. هن چيو ته مالديپ ۾ پاڪستاني خوراڪ جي شين، دوائن، ٽيڪسٽائل ۽ تعميراتي سامان جي برآمد جا وسيع موقعا موجود آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري سهڪار وڌائڻ لاءِ انهن موقعن مان فائدو وٺڻ ضروري آهي. ملاقات ۾ مالديپ پاران پاڪستاني سيڙپڪارن کي حلال سياحت ۽ شرعي اصولن سان هم آهنگ ريسارٽس جي شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جي دعوت ڏيڻ بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جڏهن ته طبي سياحت ۽ صحت جي شعبي ۾ گڏيل سهڪار جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو. ڄام ڪمال خان مالديپ جي هوٽلن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي پاڪستاني هنرمند افرادي قوت جي تربيت جي تجويز پڻ ڏني، ته جيئن پاڪستاني پورهيتن لاءِ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ٿي سگهن. ان موقعي تي پاڪستان، مالديپ ۽ اوڀر آفريڪا وچ ۾ سامونڊي واپاري رابطن کي وڌائڻ جي امڪانن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واپار واري وفاقي وزير فوڊ ايگ پاڪستان 2026ع جي ٽئين ڏينهن مختلف اسٽالن جو دورو ڪيو ۽ پرڏيهي وفدن جي نمائندن سان ملاقاتون ڪيون. هن بلوچستان بورڊ آف انويسٽمينٽ جي اسٽال تي صوبي جي مختلف شين ۽ سيڙپڪاريءَ جي موقعن جو پڻ جائزو ورتو. ڄام ڪمال خان واپاري آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي عالمي مارڪيٽن ۾ پاڪستاني شين جي برآمد جا موقعا ۽ ان راهه ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن جي نشاندهي ڪن، جڏهن ته پاڪستاني ڪاروباري ادارن کي عالمي خريدارن سان ڳنڍڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪن. وفاقي وزير چيو ته عالمي مارڪيٽن تائين پاڪستاني شين جي پهچ وڌائڻ ۽ واپاري لاڳاپا مضبوط ڪرڻ لاءِ واپاري آفيسرن کي سرگرم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.










