واشنگٽن: (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مڊ ٽرم اليڪشن هارائڻ بعد چين، جاپان ۽ يورپي يونين سميت 14 واپاري ڀائيوار ملڪن تي 20 کان 40 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي پيماني تي نوان محصول لاڳو ڪرڻ جي تجويز کانپوءِ عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ سخت ٻاڙائي ڏسڻ ۾ آئي.مصنوعي ذهانت (اي آءِ) سان لاڳاپيل ڪمپنين جي شيئرن جي اگهن ۾ لاٿ سبب سيڙپڪارن جون ڳڻتيون وڌيڪ وڌي ويون، عالمي سطح تي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ وڪري جي دٻاءَ سبب ايم ايس سي آءِ جو عالمي شيئرز انڊيڪس 2.35 سيڪڙو گهٽجي ويو، جڏهن ته آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ جا ٽيئي وڏا انڊيڪس پڻ وڏي لاٿ سان بند ٿيا. ٽيڪنالاجي ڪمپنين جا شيئر سڀ کان وڌيڪ دٻاءَ جو شڪار رهيا، آمريڪي مارڪيٽ ۾ نئسڊيڪ انڊيڪس 3.9 سيڪڙو، ايس اينڊ پي 500 انڊيڪس 2.7 سيڪڙو، جڏهن ته ڊائو جونز انڊيڪس 1.7 سيڪڙو گهٽجي ويو. جاپان کانسواءِ ايشيا پئسفڪ جي مارڪيٽن ۾ 2.28 سيڪڙو، جڏهن ته اڀرندڙ معيشتن جي شيئرز ۾ 3.23 سيڪڙو لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي. ٽيڪنالاجي شعبي جي مشهور ڪمپني اين ويڊيا جي شيئرن جي قيمت ۾ 8 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ هلندڙ هفتي جي شروعات کان وٺي ڪمپني جا شيئر 14 سيڪڙو هيٺ اچي چڪا آهن. آمريڪي مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي جا اثر يورپي اسٽاڪ مارڪيٽن تائين پڻ پهتا، جتي شروعاتي واڌ کانپوءِ شيئرن جا اگهه گهٽجڻ لڳا. يورپ جو اهم اسٽاڪ انڊيڪس اسٽاڪ 600 پڻ 0.67 سيڪڙو لاٿ سان بند ٿيو.










