ڪراچي )اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سائبر فراڊ جو وڏو نيٽ ورڪ پڌرو ٿي ويو، ڪارروائي دوران 15 ڪروڙ رپيا روڪ رقم هٿ ڪئي وئي. نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) ٽن دوستن تي ٻڌل مبينا گروهه کي گرفتار ڪري ورتو. ايڊيشنل ڊائريڪٽر شهزاد اڪبر موجب جوابدار وڏي عمر وارن ماڻهن کي صحت جي مسئلن بابت ڪوڙا دلاسا ۽ بهانا ڏئي ڦريندا هئا. ڪارروائي دوران 15 ڪروڙ رپيا روڪ رقم هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته گاڏين سميت مجموعي طور هٿ آيل ملڪيت جي ماليت 25 ڪروڙ رپين تائين پهچي وئي. جوابدارن جي اڪائونٽن مان هڪ ارب 20 ڪروڙ رپين جي ڏيتي ليتي جا ثبوت پڻ مليا آهن.










