ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عمان جي گاديءَ واري شهر مسقط ۾ جاري ورلڊ ڪپ اسنوڪر ۾ پاڪستاني رانديگرن شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي مينز سنگلز ايونٽ جي سيمي فائنل جون چار مان ٽي جايون پنهنجي نالي ڪري ورتيون.پاڪستان جي محمد آصف، رانا عرفان ۽ اسجد اقبال پنهنجا پنهنجا ڪوارٽر فائنل کٽي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جڏهن ته مبشر رضا کي هم وطن رانا عرفان هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. محمد آصف ڪوارٽر فائنل ۾ انگلينڊ جي هاروي چندلر کي 1-4 تان شڪست ڏني. پاڪستاني ڪيوئسٽ شروعاتي ٽي فريم کٽي 0-3 جي سرسي حاصل ڪئي، تنهن هوندي به انگلش رانديگر چوٿين فريم ۾ 99 جي بريڪ کيڏي مقابلي ۾ واپسي جي ڪوشش ڪئي، پر محمد آصف پنجون فريم کٽي مقابلو پنهنجي نالي ڪري ورتو. محمد آصف جي ڪاميابي جو فريم اسڪور 95-0، 58-1، 71-57، 11-99 ۽ 64-0 رهيو. ٻن پاڪستاني رانديگرن وچ ۾ ٿيل ڪوارٽر فائنل ۾ رانا عرفان، مبشر رضا کي 1-4 تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو. مبشر رضا پهريون فريم 66 جي بريڪ سان کٽيو، پر رانا عرفان لڳاتار چار فريم کٽي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. رانا عرفان ٽئين فريم ۾ 105 جي سينچري بريڪ، جڏهن ته پنجين فريم ۾ 77 جي بريڪ پڻ کيڏي. رانا عرفان جي ڪاميابي جو فريم اسڪور 28-82، 70-24، 105-0، 76-1 ۽ 77-0 رهيو. هڪ ٻئي ڪوارٽر فائنل ۾ پاڪستان جي اسجد اقبال ايران جي عامر سرڪوش خلاف شروعاتي ٻن فريمز ۾ پوئتي رهڻ باوجود شاندار واپسي ڪندي 2-4 تان ڪاميابي حاصل ڪئي. شروعاتي ٻن فريمز ۾ شڪست کانپوءِ اسجد اقبال لڳاتار چار فريم کٽي ورتا، هن آخري ٻن فريمز ۾ ترتيبوار 83 ۽ 88 جون بريڪون پڻ کيڏيون. اسجد اقبال جي ڪاميابي جو فريم اسڪور 52-56، 4-90، 57-46، 68-54، 98-44 ۽ 88-0 رهيو.سيمي فائنل ۾ ٽن پاڪستاني رانديگرن جي پهچڻ کانپوءِ ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستان جي نمائندگي يقيني ٿي وئي آهي، جڏهن ته ٻنهي فائنلسٽن جي پاڪستاني هجڻ جو امڪان پڻ برقرار آهي.ورلڊ ڪپ اسنوڪر جي مينز سنگلز ايونٽ جا سيمي فائنل ۽ فائنل خميس ڏينهن کيڏيا ويندا.










