جاگيراڻي ۽ لولائي ڌرين جو جرڳو، 44 لک ڏند، ڌريون کير کنڊ

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) ڪچي جي ڳوٺ فوجو لولئي ۾ جاگيراڻي ۽ لولئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھڪ سال کان ھلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو  ڳوٺ دڙي سندراڻي ۾ علائقي جي ايم پي  اي مير غلام عابد خان سندراڻي ۽ مذھبي عالم سيد محمد شاھ جيلاني جي سر پئنچي ھيٺ ڪيو ويو. جھيڙي ۾ ٻنھي ڌرين جا 7 ماڻھو مارجي ويل ھئا، جن ۾ ٻھ عورتون مسمات جيجان، مائي حرمت ۽ ھڪ نينگري آمنه جاگيراڻي سميت اميد علي، لکڻ، ڪانگو ۽ علي محمد شامل آھن. نبيري لا۽ ڳالھيون شام جو پنجين وڳي کان شروع ٿيون ۽ رات جو يارھين وڳي ڌرين جي ڳالھين ٻڌڻ بعد فيصلي جي فتوا جاري ڪري کين ٻڌايو ويو ته في خون جو عيوضو 12 لک مقرر ڪيو ويو آھي۔ جاگيراڻي برادري جي خان جاگيراڻي واري ڌر مٿان لولئي برادري جي سلام ۽ ھاشم لولئي جا پنج خون ثابت ٿيڻ تي مٿن سٺ لک ، زخمين جا الڳ سان چوڏھن لک ڏنڊ وڌو ويو۔ جڏھين ته لولئين مٿان خان جاگيراڻي جي ڌر جا ٻھ خون ثابت ٿيڻ ۽ زخمين جو ڏنڊ ٽيهه لک وڌو ويو۔ اھڙي نموني جاگيراڻي ڌر بقايا 44 لک روپيه لولئي برادري جي ڌر کي ادا ڪندي جنھن مان ٻھ لک روپيه خان جاگيراڻي موقعي تي ادا ڪيا ۔ ۽ بقايا 6 مھينن اندر ادا ڪيا ويندا۔ نبيري جي اڄوڪي فتوا بعد اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان سرپئنچن طرفان ويهه لک روپيه ڏنڊ رکيو ويو آھي۔ نبيري بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون آھن۔ڌرين ھڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون ۽ علائقي ۾ خوشي جي لھر پکڙجي ويئي آھي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو