ڪراچي(ايڊيٽر ڊيسڪ)اينويڊيا جي سي اي او طور جينسن هوانگ جي ٻيهر مقرري سڄي دنيا جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آهي، جنهن ۾ چين به شامل آهي، جتي اها خبر ملڪ جي سڀ کان وڏي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ويبو تي سڀ کان وڌيڪ ٽرينڊ ڪندڙ پوسٽ بڻجي وئي آهي.
اڪثر صارفين بااثر ارب پتي جي واپسي تي خوش آهن، جنهن چين سان محبت جو اظهار ڪيو هو، ان کان اڳ مئي ۾ سندس دوري دوران نوڊلز کائڻ ۽ ملڪ ٽي پيئڻ جون وڊيوز آن لائن ظاهر ٿيون. ڪجهه ماڻهن اهو به سوال ڪيو ته اينويڊيا جي هيڊڪوارٽر واپس پهچڻ واري وڊيو ۾ هن پنهنجي چمڙي جي جيڪٽن مان ڪا هڪ ڇو نه پاتي آهي.
پر ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ هوانگ جي واپسي، جنهن کي تاريخ جي سڀ کان وڏين يوٽرن (فيصلي تان ڦرڻ) مان هڪ قرار ڏنو پيو وڃي، چين جي موقف جي تصديق لڳي ٿي.
غالباً شي جن پنگ به ان کي ائين ئي ڏسي ٿو.
بيجنگ انهن دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته جينسن هوانگ سان لاڳاپا رکندڙ عورتن مان هڪ کي چين جي سلامتي واري وزارتِ ، جيڪا آمريڪا جي سي آءِ اي جي برابر ادارو آهي، جاسوس طور ڀرتي ڪيو هو. چين جي سرڪاري ميڊيا پڻ جاسوسي واري معاملي کي واشنگٽن ۾ چين مخالف سخت موقف رکندڙن پاران هلائي ويندڙ بدناميءَ جي مهم قرار ڏنو آهي. ڪميونسٽ پارٽي جي ترجمان اخبار گلوبل ٽائمز ان کي ”وچ هنٽ“ (جادوگرڻين جي ڳولا جي نالي تي ٿيندڙ شڪار) قرار ڏنو.
هاڻي وائيٽ هائوس ۽ خود صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هوانگ قومي سلامتي لاءِ ڪو خطرو ناهي، جيتوڻيڪ جاسوسي جي الزامن بابت جاچ اڃا جاري آهي.
شي جن پنگ هن اسڪينڊل مان ڪيترائي سبق سکيا هوندا، خاص طور تي ٽرمپ جي ڪمزور پاسن بابت.
هڪ ڳالهه اها آهي ته هوانگ جي ٻيهر مقرري، شي جن پنگ جي گذريل هفتي شينزين ۾ ٽرمپ سان ملاقاتن کان ٿوري ئي وقت پوءِ ٿي، جنهن کي ان ڳالهه جي نشاني سمجهي سگهجي ٿو ته سڌو رابطو واشنگٽن تي اثرانداز ٿيڻ جو هڪ مؤثر طريقو آهي.
ٽرمپ چيو آهي ته ٻنهي اڳواڻن هوانگ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي، پر هن وڌيڪ تفصيل نه ٻڌايا. بيجنگ پڻ ان بابت ڪو بيان ناهي ڏنو.
هن واقعي چين جي عملدارن ۾ ان سوچ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي ته واشنگٽن ۾ ٻه ڌڙا آهن: هڪ اهي جيڪي آمريڪي قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ چين جي جديد ٽيڪنالاجي تائين رسائي محدود ڪرڻ جا حامي آهن، ۽ ٻيا هوانگ جهڙا، جيڪي سمجهن ٿا ته اهڙيون پابنديون بيجنگ جي ارادن کي محدود نه ڪنديون.
هوانگ بار بار دليل ڏنو آهي ته آمريڪي برآمدي پابنديون هواوي جهڙين چيني ڪمپنين کي پنهنجا آزاد متبادل ٺاهڻ تي مجبور ڪنديون، جڏهن ته ساڳئي وقت آمريڪي ڪمپنين کي دنيا جي ٻئي وڏي معيشت واري ملڪ جي مارڪيٽ کان ٻاهر رکيو ويندو.
پر هوانگ جو ٻيهر اينويڊيا جي سربراهي سنڀالڻ بيجنگ لاءِ پابندين ۾ نرمي جي ڪا ضمانت ناهي.
بلڪه، جديد چِپس جي وڪري جو معاملو آمريڪا ۽ چين وچ ۾ تڪرار جو اهم نقطو رهندو، خاص طور تي جڏهن ٻئي ڌريون ڊسمبر ۾ متوقع ٽرمپ ۽ شي جن پنگ جي ٻي ملاقات کان اڳ واپاري معاهدي تي پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن.
اڳ ئي نوان ضابطا لاڳو ڪيا پيا وڃن، جيڪي بيجنگ لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻجندا.
آمريڪي بيورو آف انڊسٽري اينڊ سيڪيورٽي پابنديون وڌيڪ سخت ڪري رهيو آهي، جنهن تحت نه رڳو چين ڏانهن جديد چِپس جي سڌي برآمد کي نشانو بڻايو پيو وڃي، پر چيني ڪمپنين جي ٻاهرين ملڪن جي ڊيٽا سينٽرن ۾ ڪمپيوٽنگ پاور استعمال ڪرڻ جي صلاحيت کي پڻ محدود ڪيو پيو وڃي.
اهي قدم انهن امڪاني خامين کي بند ڪرڻ لاءِ آهن، جن ذريعي چيني ڪمپنيون ٽئين ملڪن، جن ۾ سنگاپور، ملائيشيا ۽ ٿائيلينڊ شامل آهن، ۾ ڪم ڪندڙ ڪلائوڊ فراهم ڪندڙن وسيلي اينويڊيا ۽ اي ايم ڊي جون جديد چِپس حاصل ڪري سگهن ٿيون.
چين اڃا تائين پنهنجي طرفان ڪنهن جوابي قدم جو اعلان ناهي ڪيو. پر سيڙپڪار ڪنهن به اهڙي ڇڪتاڻ تي نظر رکندا، جيڪا آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽن تي منفي اثر وجهي سگهي ٿي.
۽ ٽرمپ جي استحڪام برقرار رکڻ لاءِ ايتري بيچيني ڏسي، شي جن پنگ شايد ان کي پنهنجي لاءِ دٻاءُ وجهڻ جو وسيلو سمجهي.
هاڻي کيس خبر پئجي وئي آهي ته ٽرمپ اسٽاڪ مارڪيٽ بابت ايترو پريشان آهي، جو هو دنيا جي سڀ کان وڏي ڪمپني جي انساني وسيلن بابت فيصلن ۾ به مداخلت ڪرڻ لاءِ تيار آهي. صدر ذاتي طور تي اينويڊيا ۾ سيڙپڪاري پڻ ڪئي آهي، جيتوڻيڪ وائيٽ هائوس واضح ڪيو آهي ته ٽرمپ پنهنجا ڪاروبار پنهنجي پٽن جي انتظام هيٺ هڪ ٽرسٽ ۾ رکيا آهن.
چين اڳ ۾ ئي دنيا جي ناياب ڌاتن (Rare Earth Metals) تي پنهنجي مضبوط گرفت استعمال ڪندي آمريڪا کي واپار بابت ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
جيڪڏهن واشنگٽن چِپس جي برآمد تي پابنديون سخت ڪري ۽ بيجنگ جوابي ڪارروائي ڪري، ته ان سان هڪ اهڙي سلسلي جي شروعات ٿي سگهي ٿي، جيڪو اسٽاڪ مارڪيٽ تي گهرو اثر وجهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪي ڪمپنيون، گاڏيون ٺاهيندڙن کان وٺي دفاعي صنعتن ۽ چِپس ٺاهيندڙن تائين، سڀ ناياب ڌاتن تي ڀاڙين ٿيون.
چين اهو محسوس ڪري ورتو آهي ته آمريڪا سان جنهن ”تعميري اسٽريٽجڪ لاڳاپن“ جي قيام جي ڳالهه ڪري ٿو، ان کي ٺاهڻ جي ڪوشش دوران اڳتي وڌيڪ ڏکيائيون پيش اچڻ واريون آهن.
ٽرمپ جا ٽيرف هاڻي ان ڇڪتاڻ جو مرڪزي موضوع ناهن. هاڻي معاملو اهم ٽيڪنالاجي ۽ معدنيات تي ڪنٽرول جو آهي، جيڪي اڳتي هلي ٻنهي ڌرين جي فوجي اثر ۽ معاشي طاقت تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا.
اڳتي ڇا ٿيندو، اهو جينسن هوانگ واري معاملي جي ايندڙ رخ تي دارومدار رکندو، ڇاڪاڻ ته اهو معاملو اڃا ختم ناهي ٿيو.
هوانگ ايندڙ مهيني ڪانگريس آڏو بيان ڏيڻ وارو آهي، ۽ جنوري ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي ڪنٽرول هيٺ ڪانگريس دٻاءُ وڌائيندي. ڪجهه ريپبلڪن قانونسازن پڻ واضح ڪيو آهي ته اهي جواب چاهين ٿا.
آرڪنساس جي سينيٽر ٽام ڪاٽن ايڪس تي لکيو ته اينويڊيا وارو تڪرار ”برفاني جبل جي رڳو چوٽي آهي ۽ اهو معاملو حل ناهي ٿيو، ڇاڪاڻ ته جينسن هوانگ کي سندس نوڪري واپس ملي وئي آهي.“










