مڪاني چونڊن کان اڳ مخالفن کي هيسائڻ جو الزام

چوهڙجمالي (سليم ملاح) مڪاني چونڊون ويجهو ايندي ئي ڀوتارن پنهنجو رنگ ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي.پوليس ذريعي مخالف ڌرين کي هيسائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي جنهن جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا.اهڙن خيالن جو اظھار جمعيت علماء اسلام ضلعي سجاول جي جنرل سيڪريٽري حافظ فضل الله فياض طرفان گذريل ڏينهن ٻڍو ٽالپر پوليس طرفان جمعيت علماء اسلام تعلقي سجاول جي اڳواڻ مولوي محمد اسحاق کٽي تي داخل ڪيل جڙتو ايف آءِ آر کان پوء جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آھي.هن چيو ته جمعيت علماء اسلام سجاول جي اڳواڻ مولوي محمد اسحاق کٽي سميت اسان جي ٻين ساٿين کي هيسائڻ لاء مقامي وڏيرن ڪيتري عرصي کان مختلف حربا استعمال ڪيا پر جرات مند ساٿين جي نه جهڪڻ ڪري هاڻي پوليس کي استعمال ڪندي مٿن ڪوڙي ايف آء آر داخل ڪرائي ويئي آھي جنهن جي ڀرپور مذمت ڪندي انهن کي ٻڌائڻ گهرون ٿا ته ان طريقي سان توهان اسان جي ساٿين کي هيسائڻ جو سلسلو شروع ڪري اسان کي اسلام ۽ علماءِ کان ٽوڙڻ جي ڪوشش ۾ ڪڏھن به ڪامياب نه ٿيندا.هن چيو ته پوليس ذريعي ماڻهن کي هيسائڻ وارو طريقو هاڻي نه هلندو. هن چيو ته اسان ايس ايس پي سجاول کان مطالبو ٿا ڪريون ته جمعيت جي اڳواڻ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪندڙ پوليس عملدار کي سزا ڏيئي وڃي ۽ ايف آء آر واپس ورتي وڃي ٻي صورت ۾ جمعيت علماء اسلام جا هزارين ڪارڪن پنهنجي احتجاج جو حق محفوظ رکن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو